Friday , April 19 2024

ڪرونا جي روڪٿام، پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون لاءِ  پاڪ فوج کي طلب

پاڪ فوج آرٽيڪل 245 تحت اختيار ملڻ بعد سول انتظاميا جي مدد لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون

ڪراچي / لاهور / اسلام آباد(چيف رپورٽر / خاص نمائندا   سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ جي خطري سبب پاڪ فوج کي طلب ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت کانپوءِ پنجاب حڪومت به فوج جي مدد طلب ڪري ورتي آهي، بلوچستان ۽ ڪي پي حڪومتن پاران به فوج جي مدد لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران اڄ رات 12 هين وڳي کان صوبي ۾ لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج به آرٽيڪل 245 تحت اختيار ملڻ جي صورت ۾ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم عمران خان پاران اڄ رات ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي اعلان جو امڪان آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪرونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس هلندڙ آهي، جنهن ۾ صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ واري فيصلي جي منظووري ورتي ويندي. اجلاس ۾ صوبائي ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري، صحت کاتي، مڪاني ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت سمورين لاڳاپيل اختيارين جا عملدار شريڪ آهن/ ٿيا. سنڌ جي گهرو کاتي گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت کي خط لکي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج جي مدد طلب ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي سرڪار به اڄ شام يا رات دير تائين  فيصلو ڪيو ويندو. وڏي وزير جي حوالي سان سي ايم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، صوبي ۾ ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. لاڪ ڊائون دوران شرط ۽ ضابطا به جاري ڪيا ويندا، جن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *