Tuesday , April 16 2024

ڪرونا جي روڪٿام، فلپائين ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي، هڪ ڄڻو گولي هڻي قتل

ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گولي هڻي ڇڏيو: فلپائني صدر

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌ سماءَ چار) فلپائينب ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لاڪ ڊائون جاري آهي، لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ شخص کي پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو. فلپائين ۾ هيل تائين ڪرونا وگهي 152 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ متاثرن جو انگ ٽن هزارن کان وڌي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ فلپائين جي صدر، روڊريگوڊيوٽريت حڪم جاري ڪيو هو ته لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي گولي هڻي ماريو وڃي. فلپائيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 5 اپريل تي فلپائين جي هڪ ناپسٽ واري علائقي جو رهواسي 63 سالن جو هڪ شخص لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندي گهر کان ٻاهر نڪري آيو، مقامي پوليس آفيسر پاران کيس واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ ان لاءِ کيس صدر جو حڪم به ٻڌايو، ميڊيا رپورٽس مطابق ان شخص صدر سميت فلپائيني پوليس کي گارگند ڪرڻ شروع ڪيو ۽ گوڙ ڪندو رهيو، جنهن بعد پوليس آفيسر کيس فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو. فلپائين ۾ هن ولقت تائين 3 هزار 246 کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *