Friday , March 29 2024

ڪرونا جا هاڃا وڌي  ويا، سنڌ ۾ هڪ ڏينهن دوران 13 ڄڻا فوت، ڪراچي ڏکڻ ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان وڌڻ لڳي، گذريل ڏينهن ڪرونا وگهي 13 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، سنڌم حڪومت ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي ڇڏيو. اڄ جمعي ڏينهن وڌيڪ علائقن ۾ به لاڪ ڊائون لڳايو ويندو. سنڌ ۾ ڪرونا جي ڪيسز ۾ ٻيهر تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، سنڌ ۾ 30هين سيپٽمبر جي ڪرونا رپورٽس مطابق سنڌ ۾ مجموعي طور تي 13 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، جن ۾ ڊڦٽي ڪمشنر ميرپور خاص زاهد ميمڻ به شامل آهي. سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا ٻيهر وڌڻ وارا ڪيس سڀ کان وڌيڪ راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ فوتگيون به ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن. ڪرونا جي تازي صورتحال جي نتيجي ۾ س سرڪار ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ڏکڻ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلعي جي صدر، سول لائينز سب ڊويزن، عسڪري اپارٽمينٽس ٿري-III، ڊفينس ڪريڪ وِسٽا سميت مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، نوٽيفڪيشڻ موجب ڄاڻايل علائقن ۾ سياسي، سماجي سرگرمين، شادي وهانءَ، سميت ٻين تقريبن تي به پابندي مڙهي وئي آهي. ڊي سي ڏکڻ ارشاد سوڍڙ جو چوڻ آهي ته، مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ شهرين کي بنا ضرورت جي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ضروري ڪم ڪار سانگي گهر جو صرف هڪ فرد نڪري سگهندو، دڪانن، شاپنگ مالز، بازارن ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، جيڪو به ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندو انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه 30هين سيپٽمبر تي ڪراچي اولهه ضلعي جي يونين ڪائونسل نمبر 8 منگهو پير ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري چڪو آهي. سينٽرل ضلعي اندر ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مختلف علائقن ۾ هوٽلز، دڪانن ۽ مٺائي جي دوڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي، ملير جي مختلف علائقن ۾ به ڪاررواين دوران ريسٽورنٽس کي سيل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *