Friday , March 29 2024

ڪرونا ايس او پيز؛ عوام جي لاپرواهي ۽ حڪومت پاران عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪامي، وبا چوٽ چڙهي وئي

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا جي وبا وگهي هڪ ڏينهن دوران 59 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، گذريل 24 ڪلاڪن (24 نومبر) دوران وڌيڪ ٽي هزار 9 ماڻهو وبا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪرونا جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ حڪومت پاران لاڳو ڪيل پنهنجي اسٽنيڊرڊ آپريٽنگ سسٽم ( ايس او پيز)  تي پهرين ڏينهن کان عملدرآمد ڪرائڻ ۾ غيرسنجيدگي ۽ عوام لاپرواهي سبب ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪرونا ٽيسٽن جي بنياد تي روزانو لڳ ڀڳ هڪ ڏهائي 9 سيڪڙو واڌ اچي رهي آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ اندر مجموعي طور تي 3009 ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي  ويا آهن، جن ۾ ٻارڙن جڪو به وڏو انگ ٻڌايو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي وبا سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ پکڙجي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار 382 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جنهن بعد سنڌ اندر مريضن جو مجموعي انگ هڪ لک 66 هزار 33 ٿي ويو آهي سنڌ ۾ هڪ ڏينهن دوران قاتل وبا ۾ مبتلا 13 مريض حياتيون وڃائي ويٺا ۽ اهڙي طرح فوتين جو انگ وڌي 2هزار 858 ٿي ويو آهي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *