Thursday , April 25 2024

ڪرونا ايس او پيز، پاڪ فوج جا جٿا نوابشاهه، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي پهچي ويا

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي انڪار باوجود سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ پاڪ فوج جا جٿا پهچي ويا، ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآماد ڪرايو ويندو. ٻن ڏينهن سنڌ حڪومت پاران ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج جي مقرر بابت انڪار باوجود پاڪ فوج جا جا جوان مختلف شهرن ۾ پهچي ويا آهن، ذريعن موجب پاڪ فوج جا جوان اڄ سومر ڏينهن کان ڪراچي، حيدر آباد ۽ نوابشاهه سميت مختلف شهرن ۾ ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ  گشت ڪندا. پاڪ فوج جا جوان خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ پهچي ويا آهن، جيڪي سول انتظاميا جي مدد ڪري ڪرونا کان بچاءِ لاءِ لاڳڪو ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائيندا.

جاري ڪيو ويو، جنهن بعد گذريل جمعي ڏينهن رات جو دير سان گهرو کاتي جو هڪ ليٽر نمبر  جاري ڪيو ويوSO(IS-I)HD/6/2/SD-Evt-R  منظر تي آيو هو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزارت کي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت درخواست ڪئي وئي هئي ته وزيراعظم عمران خان پاران ڪرونا ايس او پيز تي عمل لاءِ پاڪ فوج جي مدد واري اعلان تحت سنڌ ۾ به سول انتظمايا جي مدد لاءِ پاڪ فوج مقرر ڪئي وڃي. گهرو کاتي جي اهنڙي ليٽر جي منظر تي اچڻ کانپوءِ گهرو کاتي، وزيراعليٰ  هائوس سميت مختلف کاتن جي وزيرن پاران اهڙي ڪنهن به ليتر جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ کانسواءِ پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان ئي پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد اهو به چيو ته سنڌ حڪومت پاران اهڙو ڪو به ليٽر / خط گهرو وزارت کي ناهي مليو.

ان سلسلي ۾ جڏهن سنڌ جي گهرو کاتي جي هڪ ذميوار شخص سان رابطو ڪيو ويو ته هن نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، گهرو کاتي اهڙو ليٽر وفاقي گهرو وزارت کي بلڪل لکيو آهي، پر ٽويٽر ۽ فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي گروپن ۽ ويب سائيٽ تي سن ڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي تي تنقيد ڪئي وئي نه رڳو اهو پر مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۾ ڪرونا ايس او پيز تي عملدارآمد ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج جي مقرري واري وفاقي سرڪار جي فيصلي تي به تنقيد ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مختلف ذريعن سان سنڌ حڪومت اهڙي خط کان ئي لاتعلقي ظاهر ڪئي جيڪا ڳالهه حقيقت جي ابتڙ آهي.

آچر ۽ سومر جي وچئين رات ( 25 ۽ 25 اپريل جي رات) جو نوابشاهه، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ پاڪ فوج جي جٿن پهچڻ جا فٽيجز به منظر تي اچي ويا، جن بابت مقامي انتظاميا اها دعوي ڪئي آهي ته اجازت ملڻ کانپوءِ پاڪ فوج جا جوان سول انتظمايا جي مدد ڪري ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآماد ڪرائيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *