Friday , March 29 2024

ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن لاءِ پوليس جي ڪارروائي، مک جوابدار جو ڀاءُ گرفتار

دادو(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ميهڙ ويجهو 10 ٿاڻن جي پوليس  ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ٻن ڳوٺن تي چڙهائي ڪري يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جي ڀاءُ سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.  ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ 10 ٿاڻن جي پوليس جو ٻن ڳوٺن مرزا واهه ۽ ننڍي ڊرٻ کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو. يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جي مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو جي وڏي ڀاءُ احمد رضا چانڊيو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي تمندار ڪائونسل جي چيئرمين صدا حسين چانڊيو ۽ سندس ڀيڻ ايڊووڪيٽ ام رباب  سمورن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 3 جون تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *