Friday , March 29 2024

ڪرم الله چانڊيو جي وارثن پاران سنڌسرڪار کي ڏنل مهلت آچر تي ختم،سومر کان احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاءِ صلاحون

دادو ( خاص نمائندو     سنڌ سماءَ چار) ميهڙ ۾ يوسي ناظم جي قتل۽ سندس ٻن پٽن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، مارجي ويلن جي وارثن پاران سنڌ سرڪار کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاءِ ڏنل مهلت 21هين جنوري (اڄ) آچر ڏينهن ختم ٿي رهي آهي. پرويزچانڊيو چيو آهي ته آچر تي شام جو برادري ۽ يو سي ٻليدائي واسين سان صلاح مشورو ڪري سومر کان احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ معاملو جاچ ڪميٽي حوالي ڪرڻ ڪيس خراب ڪرڻ برابر آهي.

ميهڙ جي احمد ڪالوني ۾ 5 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل يونين ڪائونسل ٻليدائي جي ناظم ڪرم الله چانڊيو سندس ٻن پٽن مختيار ۽ قابل چانڊيوجي قتل ڪيس ۾ ۾ نامزد ڪيل 7 جوابدارن مان هڪ به گرفتار ناهي ٿي سگهيو. ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي جي ويجهن ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، معاملي بابت سنڌ حڪومت ۽ پ پ سنڌ جي اهم شخصيت ڪيس جي سڌو سئون نگراني ڪري رهيا آهن. ڪيس جو مک جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو پاڻ به ايس ايس پي کي فون ڪري چڪو آهي.

ان سلسلي ۾ گهرو کاتي سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ جوابدار ڄاڻايل ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻي صلاحڪار برهان چانڊيو کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي اهم شخصيت ڪيس مان سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جا نالا خارج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ مختلف هيلا بهانا ڪرڻ سان گڏ قانوني مدد حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني واري کاتي لا آفيسرز سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ سردار چانڊيو به ڪرمنل ڪيسز جي ماهر وڪيل سان صلاح مشورا ڪري رهيو آهي. سردار چانڊيو کي ان ڪيس جي سلسلي ۾ ٻن سنڌي وڪلين کتو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد ڪراچي واسي هڪ وڪيل سان سندس صلاح مشورا هلندڙ آهن.

وارثن پاران سنڌ سرڪار کي ڏنل مهلت اڄ آچرتي ختم،احتجاجي تحريڪ جون تياريون

ٽن ڄڻن جي مارجڻ واري ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف گذريل جمعي ڏينهن مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن سنڌ سرڪار کي ڏنل مهلت اڄ 21 جنوري تي آچر ڏينهن شام جو ختم ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ مقتول ڪرم الله جي وارث ۽ ڪيس جي پوئواري ڪندڙ پرويز چانڊيو سنڌسماءَچار سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته، هُو شهيدن جي دفن ڪفن ۽ تڏي تي هئا. ان دوران دوستن، همدردن، ووٽرز ۽ برادري جي ماڻهن سان صلاح مشورا به ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جمعي ڏينهن ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي تڏي تي اچي عذرخواهي ڪئي. پرويز چانڊيو ٻڌايو ته، ايس ايس پي جوابدارن جي جلد گرفتاري جو وعدو به ڪيو هو.

سنڌ سماءَ چار سان ڳالهائيند پرويز چانڊيو وڌيڪ ٻڌايو ته، ” اسان ايس ايس پي ۽ ان جي معرفت سنڌ سرڪار کي جمعي ڏينهن ئي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني هئي جيڪا اڄ آچر ڏينهن شام جو ختم ٿي رهي آهي. آچر تي شام جو همدردن، يو سي ٻليدائي جي ووٽرز ۽ برادري جي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪنداسين. هن چيو ته اسان احتجاجي تحريڪ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. جوابدار گرتار نه ٿيڻ ڪري احتجاج ڪرڻ اسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي، جيڪو هر صورت ۾ استعمال ڪنداسين. اسانجي تحريڪ / احتجاج مڪمل طور تي پر امن هوندو. جيڪڏهن پوليس ڪا به رڪاوٽ وڌي ته ان جو ذميوار ايس ايس پي ۽ سنڌ  حڪومت هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز چانڊيي چيو ته، سردار چانڊيو ڪيڏو به بااٿر ۽ طاقتور ڇو نه هجي پر اسان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ هر قانوني دڳ اختيار ڪنداسين، اڳ به پرامن هياسين، ٽن ڄڻن جي مارجڻ بعد به پر امن آهيون ۽ اڳتي به انصاف جي حاصلات تائين پر امن رهنداسين؛ پر قاتلن کي ضرور انجام تائين پهچائينداسين.

ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري کانسواءِ ڪو به دڳ ناهي:قانوني ماهر اي بي لاشاري

قانوني ماهر ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نامياري قانوندان اي بي لاشاري سنڌ سماءَ چار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ايف آءِ  آر داخل ٿيڻ پوءِ اها مينهن چوري جي ڇو نه هجي ان ۾ نامزد جوابدادرن کي گرفتار ڪرڻ قانوني گهرج آهي. هي ڪيس ٽن ڄڻن جي قتل جو آهي ۽ انهن کي حملو ڪري قتل ڪيو ويو جيڪو سڌو دهشتگردي جو ڪيس ٺهي ٿو. ڪرم الله واري مامري ۾ ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم به لڳايا ويا آهن. اي بي لاشاري ٻڌايو ته، جيڪڏهن پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري ته، اهو قانون جي خلاف آهي. هڪ سوال جواب ۾ هن ٻڌايو ته، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ لازمي هوندو آهي، جيڪا پڻ ڪيس جي ڪارروائي جو هڪ لازمي جز آهي. جيڪڏهن پوليس داخل ڪيل ڪيس جي رپورٽ يا چالان عدالت ۾ مقرر وقت تي پيش نه ٿي ڪري ته اهڙو عمل وري قانوني طور ڏوهه آهي،جنهن تي پوليس جي خلاف به ڪارروائي ٿيندي آهي. ان ۾ ايس ايڇ او کان وٺي ايس ايس پي تائين جي عملدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي ٿي.

اي بي لاشاري قانوني حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار ڀلي گرفتار نه ڪري سگهي پر 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي جنهن ۾ يا ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مهلت گهرندي پر ائين ٿيندو ناهي ۽ عدالت سڌو سئون پاڪستان پئنل ڪوڊ تحت 87 ۽ 88 جي ڪارروائي ڪندي آهي. اهرِ ڪارروائي ۾ عدالت جوابدارن کي مفرور/ڀاڳيلو Absconder قرار ڏئي ڇڏيندي آهي. 87 ۽ 88 جي ڪارروائي بعد ڀاڳيلا قرار ڏنو جوابدار پوليس کي صوبي ۾ ڪٿي به نظر اچن ته کين گرفتار ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. جوابدارن کي صوبي جي ڪنهن به ٿاڻي جي پوليس سوگهو ڪرڻ بعد ڪجهه قانوني گهرجون پوريون ڪندي ۽ پوءِ لاڳاپيل ضلعي/ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *