Thursday , April 25 2024

ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو، روهڙي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام

روهڙي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) روهڙي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي امام بارگاهه باب ڪربلا کي نشانو بڻائڻ واري دهشتگردن جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، رينجرز سان مقابلي دوران بندش پيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  امام بارگاهه باب ڪربلا طرف ويندڙ رستي تي ناڪي وٽ رينجرز اهلڪارن موٽرسائيڪل سوار ٽن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته هو نه بيٺا ۽ هنن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. رينجرز جي جوانن پاران دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويو، جنهن دوران مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا. رينجرز ترجمان موجب ٽنهي دهشتگردن مان ٻه آپگهاتي بمبار هئا، جن مقابلي دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر رينجرز سان مقابلي دوران مارجي ويا.

واقعي بعد بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪري مارجي ويل آپگهاتي بمبارن جون بارودي جيڪيٽس ناڪارا بڻايون ويون. رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جو تعلق پابندي پڙهيل تنطيم سان آهي ۽ هو امام بارگاهه باب ڪربلا تي حملو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جنهن کان پوءِ انهن جي نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *