Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ 35 هزار فلاحي مقصدن لاءِ رکيل پلاٽن تي قبضا ٿي ويا، خالي پيل سرڪاري زمين ماڻهن جي سهولت لاءِ آهي:جسٽس گلزار احمد

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) ڪراچي شهر اندر گذريل 10 سالن دوران بااثر ماڻهن پاران مختلف فلاحي ڪمن لاءِ مخصوص ڪيل 35 هزار پلاٽن تي بااثر ماڻهن قبضا ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري 35هزار رفاعي پلاٽن تان غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهر جي زمينن تي قبضو ٿي رهيو آهي، ڪي ڊي اي وارن کي ڪجهه احساس آهي؟ خالي زمينون سياستدان ۽ آفيسرن کي کپائڻ لاءِ نه پر ماڻهن جي سهولت لاءِ آهن.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 35هزار رفاعي پلاٽن ۽ چائنه ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ب+ني دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهر جي زمينن تي قبضو ٿي رهيو آهي، توهان کي ڪوئي شرم يا احساس آهي؟ هي شهر انسانن جي لاءِ آهي يا جانورن جي رهڻ لاءِ آهي. عدالت چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪي ايم سي جو اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڪهڙو ڪم ڪري رهيو آهي. ٻڌڻي دوران ججز لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته شهر جون خالي زمينون سياستدانن، سرڪاري آفيسرن ۽ رشتيدارن کي وڪرو ڪرڻ جي لاءِ ناهن، خالي پلاٽ ماڻهن جي سهولت لاءِ رکيا ويا آهن. ٻڌڻي دوران ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل عدالتي پڇاڻي تي چيوته يونيورسٽي روڊ جي لنڪ روڊ تي ديوار جي تعمير باب تکيس ڪا به خبر ناهي. عدالت چيو ته توهان کي سموري خبر آهي، پر جيڪڏهن خبر ناهي ته ڊِي جِي ڪهڙي ڪم جو آهي؟

عدالت چيو ته صدر ۾ غير قانوني اڏاوتن جي خاتمي لاءِ ڇا ٿي رهيو آهي، اهو سڀني کي خبر آهي، توهان جي ٽيم جتي قبضو ختم ڪرڻ لاءِ ويندي آهي اتي قبضا پهريان کان به وڌي ويندا آهن. عدالت پنهنجي تحريري حڪمنامي ۾ چيو ته 35 هزار رفاعي پلاٽن کي ڪي ڊي اي آفيسرن جي سهڪار سان قانوني شڪل ڏني وئي. عدالت ٻڌڻيءَ دوران رفاعي ۽ چائنگ ڪٽنگ پلاٽن تي قائم ناجائز اڏوتن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي کي 2 مهينن ۾ سمورا قبضا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته سنڌ حڪومت ۽ سول ادارا به ڪي ڊي اي سان سهڪار ڪن. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز به پنهنجي پنهنجي حدن مان ناجائز اڏاوتن جو فوري طور تي خاتمو ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *