Thursday , April 18 2024

ڪراچي ۾ 14جانيون ڳڙڪائيندڙ گئس جو نيٺ پتو پئجي ويو

ڪراچي پورٽ تي سويابين سان ڀريل بحري جهاز مان سويابين لاهڻ دوران زهريلي گئس خارج ٿي: سنڌحڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ 14 انساني جاانيون ڳڙڪائيندڙ زهريلي گئس جو نيٺ پتو پئجي ويو آهي، ڪراچي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل سينٽر بائلوجيڪل سائنسز جي ڪيميڪل تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، علائقي مان ورتل ڪجهه جزن/نمونن جي چڪاس بعد واضح ٿي ويو آهي ته اها زهريلي گئس سويابين ڊسٽ مان خارج ٿيندڙ گئس آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چوڏنهن ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ ٽي سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر ٿيا. سويابين ڊسٽ کان بچاءَ لاءِ انيٽي الرجڪ دوائون استعمال ڪرڻ گهرجن.

ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي تحقيقاتي اداري ڪياماڙي واري علائقي ۾ زهريلي گئس واري معاملي جي رپورٽث ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته رپورٽ مطابق گئس سويابين ڊسٽ سبب پيدا ٿي جيڪا ڪياماڙي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ ڦهلجي وئي، جتي اها گئس وڌيڪ پکڙي اتي ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا. ڪي پي ٽي تي سويابين سان ڀريل هڪ سامونڊي جهاز مان سوباين لاٿي پئي وئي ته ان مان گئس خارج تي، هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت ادارن سان تڪرار ۾ اچڻ نه ٿي چاهي، زهريلي گئس جي نتيجي ۾ 14 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ اڍائي ٽي سئو ماڻهو متاثر ٿيا آحن، انڪري سڀني کي گڏجي معاملي جو حل ڪڍڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *