Thursday , April 25 2024

ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جا 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي ( رائيم رپورٽر- سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي رئيس ڳوٺ ۾ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز سان مقابلي ۾ دهشتگرد تنظيم انصار الشريعه جي سربراهه شهريار عرف عبدالله هاشمي ۽ ارسلان بيگ سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، رينجرز جي ڪرنل فيصل اعواڻ ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد متحده اڳواڻ خواجا اظهار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هئا ۽ هو ڪراچي جي ادارن مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد افغانستان مان جهادي تربيت وٺي آيا هئا.

رينجرز جي ڪرنل فيصل اعواڻ ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچيءَ جي بلديا واري علائقي ۾  رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم انصار الشريعه جا 8 دهشتگرد مارجي ويا. رينجرز جي ڪرنل فيصل اعواڻ چيو ته ڪارروائي دوران دهشتگردن فورسز مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.

هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم انصار الشريعه سان هو، سندن قبضي مان بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ شهريار عرف ڊاڪٽر عبدالله هاشمي،  ارسلان بيگ ۽ ٻيا شامل آهن. هن چيو ته انصار الشريعه جو گروپ 8 دهشتگردن تي ٻڌل هو جيڪي متحده اڳواڻ خواجا اظهار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس ۽ ٽريفڪ اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هئا. رينجرز جي ڪرنل فيصل اعواڻ چيو ته 8 دهشتگرد مارجي وڃڻ سان انصار الشريعه جي حملا ڪرڻ واري صلاحيت ختم ٿي وئي آهي، تنظيم جا 4 دهشتگرد اڃا مفرور آهن، جن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هن جو چوڻ هو ته سمورا دهشتگرد ڪراچي جي ادارن مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد افغانستان مان جهادي تربيت وٺي آيا هئا. هن چيو ته ڪراچي جي ڪنهن به تعليمي اداري ۾ انصار الشريعه جو ڪو سيل يا دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ استادن جي ملوث هئڻ جي شاهدي نه ملي آهي. هن چيو ته گروپ جي جهادي تربيت وٺندڙ ڪيترن ئي دهشتگردن جا والدين به اولاد جي سرگرمين کان اڻڄاڻ هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *