Thursday , March 28 2024

ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ عمارت ڪري پئي، 7 عورتن سميت 14 ڄڻا فوت، 32 ڄڻا زخمي

ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ 40 گزن تي قائم 5 ماڙ عمارت ڪري پئي،  7 عورتن سميت 14 ڄڻا فوت، 32 ڄڻا زخمي

عمارت سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن ۽ بلڊر جي ملي ڀڳت سان بنا اجازت جي اڏي پئي وئي

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ست عورتن سميت 14 انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪريل عمارتن جي ڍير هٽائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، امدادي ڪاررواين ۾ پاڪ فوج جا جوان به شريڪ آهن، وڏي وزير جي هدايت تي معاملي  جي جاچ لاءِ ٽي ميمبرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي قديمي علائقي گوليمار نمبر 2 واري علائقي ۾ چاليهه اسڪوائر والن تي قائم هڪ 5 ماڙ عمارت جي مٿان ڇهين ماڙ به ٺاهي پئي وئي ته اوچتو ڪري پئي، عمارت ڀر وارين ٻن عمارتن مٿان ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 14 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ست عورتون به شامل آهن. عباسي شهيد اسپتال جي ميڊيڪل ليگل آفيسر جو چوڻ آهي ته، فوتين ۾ 7 عورتون، 2 ٻار ۽ هڪ مردن جا لاش اسپتال آندا ويا، جڏهن تي چئن ڄڻ کي ڪريل عمارت هيٺان مئل حالت ۾ ڪڍيو ويو. فوتين مان  حيدر، مريم، يحيٰ، حرا ۽ غلام مصطفيٰ جي نالن سان سڃاڻپ ٿي سگهي آهي.

گوليمار واري علائقي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي، وڏي وزير معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي، وڏي وزير جي هدايت تي ڊي جي سنڌبلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي ٻارهين مارچ تي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي، ڪميٽي عمارت جي زمين، استعمال ٿيل مٽيريل ۽ ڪنڪريٽ جي ڪيوب تيسٽ به ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *