Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ شهيد پوليس اهلڪار جي وارثي نه ٿي وارثن جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو

سانگهڙ (سنڌسماءَچارنيوز) ڪراچي جي اورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ۾ شهيد ٿيل ٻن اهلڪارن جي جنازي نماز گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪرڻ بعد مڙهه اباڻن ڳوٺن ڏانهن اماڻيا ويا، شاهپور چاڪر واسي شهيد اهلڪار جو مڙهه ايمبولينس ذريعي بنا ڪنهن پوليس عملدار جي وارثن تائين پهچايو ويو، تدفين ۾ ڪو هڪ پوليس سپاهي به شريڪ نه ٿيو، وارثن پاران مڙهه سوڌو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنازي نماز بعد ٻنهي اهلڪارن احمد علي ۽ الهه ڏتو جا مڙهه ايمبولينس ذريعي ڳوٺ اماڻيا ويا. شهيد اهلڪار الهه ڏتي جي لاش سان گڏ ايمبولينس ۾ ڪو به اهلڪار نه هجڻ واري عمل خلاف وارث جو سخت ردعمل جو اظهار ڪندي سندس وارثن ۽ شاهپور چاڪر واسين آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي  شهيد بينظير آباد ۽ سميت ڪو پوليس اهلڪار به سندس جنازي نماز ۽ تدفين لاءِ نه پهتو، سنڌ پوليس جي اعليٰ آفيسرز جي اهڙي رويي خلاف وارثن مڙهه سوڌو سانگهڙ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سانگهڙ خلاف سخت نعريبازي، ان موقعي تي شهيد اهلڪار جي وارثن رسول بخش ۽ ٻين چيو ته شهيد اهلڪار 10 سال پوليس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس مڙهه لاوارثن جيان ڳوٺ موڪليو ويو، ڪو به اهلڪار مڙهه سان گڏ نه آيو. لاش ڳوٺ پهتو ته ايس ايس پي سانگهڙ وارثن وٽ اچڻ جي زحمت نه ڪئي. هنن چيو ته ايس ايس پي سانگهڙ طرفان ڳالهيون ڪرڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *