Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ سياسي طاقت جو اظهار ڪرڻ لاءِ پ پ ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون،ڪارڪنن جو هڪ ٻئي تي لٺين جو وسڪارو

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ٽئنڪي گرائونڊ ۾ پيپلز پارٽي پاران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ سموريون سياسي پارٽيون ميدان ۾ لهي پيون آهن، 12 مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران گلشن اقبال ۾ اردو يونيورسٽي ڀرسان حڪيم محمد سعيد پلي گرائونڊ ۾ 12 مئي تي جلسو ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ڪراچي اوڀر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر پ پ کي جلسي جي اجزات ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد پي ٽي آءِ ۽ پ پ وچ ۾ تڪرار اڃا زور ٿي ويو آهي، ٻنهي سياسي پارٽين پاران ڪو به پاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جلسي جو هنڌ يا تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ  پاران 12 مئي تي گلشن اقبال جي حڪيم سعيد گرائونڊ تي جلسي واري اعلان بعد ٻنهي پارٽين پاران تياريون جاري آهن، اڄ ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن گرائونڊ پهتا، جنهن دوران هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، پوليس جلسي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ڪنٽرول  ڪيو. پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته سعيد غني چيو آهي ته جلسي لاءِ پهرين درخواست هنن  ڏني هئي ۽ جلسي جي اجازت لاءِ 3 مئي تي ڊي سي کي ليٽر به لکيو ويو هو ۽ کين جلسي جي اجازت به ملي وئي.

ٻي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي عارف علوي چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته جلسي جو اعلان پهرين اسان ڪيو هو ۽ ڪيمپس به هنيون هيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عارف علوي چيو ته پي ٽي آءِ پر امن پارٽي آهي ۽ رائو انوار واري غنڊا گردي برداشت نه ڪنداسين. عارف علوي رينجرز کي حڪيم سعيد گرائونڊ جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جلسي جي اعلان کانپوءِ  انتظاميا کي جلسي جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي. اوڀر ضلعي جي ڊي سي جو چوڻ آهي ته جلسي جي اجازت لاءِ پي ٽي آءِ پاران ڪابه درخواست نه ڏني وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *