Tuesday , March 19 2024

ڪراچي ۾ سياسي دٻاءَ تي آدمشماري ۾ جعل سازي جي هدايتن جو انڪشاف

سڄاڻ ڌرين پاران آدمشماري جي انگن اکرن ۾ هٿرادو انگن اکرن جي داخل بابت هلندڙ آڊيو پيغامن جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ جماعت اسلايم، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي ڊجيٽل آدمشماري جا هٿرادو انگ اکر وڌائڻ بابت عملي کي هدايتن جو انڪشاف، بليدا ٽائون، ڪراچي سائوٿ ۽ سينٽرل ضلعن ۾ عملي کي هٿرادو آدمشماري نه وڌائڻ جي صورت ۾ نوڪرين مان نيڪالي جون ڌمڪيون، آڊيوز منظر تي اچڻ لڳيون، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران آڊيوز جي فرانزڪ ڪرائڻ ۽ جعلي آدمشماري بند ڪرڻ جو مطالبو.

ملڪ جي آئين ۾ مقرر وقت 10 سالن کان پهريان ئي هلندڙ ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري تڪراري بڻجڻ لڳي، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي مطالبي تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ڊويزن ۽ سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدر آباد ۾ هٿرادو طريقي سان آدمشماري وڌائڻ وارين ڳالهين کي هٿي ملي رهي آهي. ڪراچي ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي کي ضلعي، تعلقي/ ٽائون جي انچارجن پاران فون، واٽس ايپ رڪارڊنگ ميسيجز، ايس ايم ايسز ۽ فون ڪالز ڪري؛ آدمشماري ۾ هٿرادو انگ اکر وڌائڻ جون هدايتون ڏينون پيون وڃي.

ڪراچي ۾ آدمشماري جا انگ اکر هٿرادو طريقي سان وڌائڻ بابت آڊو پيغام

ان سلسلي ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي  جي ڪهه ماڻهن سان جڏهن سنڌسماءَچار پاران رابطو ڪيو ويو ته سينٽرل ضلعي اندر آدمشماري ڪندڙ عملي جي ڪجهه ماڻهن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته، کين مٿان کان حڪم آهن ته في گهراڻي جي حساب سان گنجائش جي حساب سان 8 کان 12 فردن / ماڻهن جون اضافي داخلائون ڪيون وڃن ۽ اهو عمل فوري طور مڪمل ڪيو وڃي، جيڪڏهن ان ڪم کان انڪار ڪيو ته کين معطل يا نوڪرين مان ئي نيڪالي ڏني ويندي.ان حوالي سان سماجي رابطن جي مختلف گروپن تي گردش ڪندڙ اهڙين آڊيو ڪالز/ميسيجز ۾ پڻ ان طرح جون هدايوتن ڏنيون پيو وڃن.

آڊيو پيغام

فيس بڪ ۽ ٽويٽر تي پڻ ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ آدمشماري جا انگ اکر هٿرادو طريقي سان وڌائڻ خلاف مهم هلندڙ آهي. جتي سڄاڻ ماڻهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته آدمشماري ۾ ڪنهن به قسم جي هيراڦيري نه ڪئي وڃي. سڄاڻ ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته واٽس ايپ گروپن، فيس بڪ ميسينجر تي ڪجهه آڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جن جي تصديق ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومت کي به ان سلسلي ۾ تحرڪ وٺڻ گهرجي، سماجي رابطن جي سائيٽس تي ڪراچي ۾ هٿرادو طور آبادي وڌائي ڏيکارڻ خلاف به مهم هلي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *