Thursday , March 28 2024

ڪراچي ۾ سنڌ جي مسئلن تي احتجاج ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو،آبادگارن جي حمايت ۾ ريلي تي پوليس ڪڙڪي پئي

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ سنڌ واسين جي جي حقن ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ احتجاج ڪرڻ ذري گهٽ ڏوهه بڻجي ويو آهي. اين ٽي ايس پاس استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيل احتجاج، آبادگارن جي احتجاج تي تشدد ڪرڻ بعد ڪمند جي آبادگارن جي حمايت ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي تي به سنڌسرڪار تشدد ڪرائي پنهنجي روايت برقرار رکي.

ڪراچي ۾ آبادگارن جي حمايت ۾ نڪتل پي ٽي آءِ جي ريلي تي پوليس ڪڙڪي پئي، سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش تي پوليس جي لٺبازي، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب ڪيترائي ڪارڪنن زخمي ٿي پيا جنهن بعد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. پي ٽي آءِ جي ڪمند جي آبادگارن جي حمايت ۾ نڪتل ريلي ميٽرو پول وٽ پهتي ته پوليس ريلي کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن تي ريلي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، پوليس جي لٺبازي، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب ڪيترائي زخمي ٿي پيا جنهن بعد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بعد صوبائي وزير ناصر شاهه ڌرڻي وارن وٽ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪيون. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر عارف علوي چيو ته هو ڪارڪنن جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رکندا. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه نه پيو ملي جنهن سبب هو ساڻن گڏ آهن.عارف علوي چيو ته پوليس کيس به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪارڪنن کيس بچائي ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *