Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ سماءَ ٽي وي جي ڊي ايس جي گاڏي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ ڪارڪن شهيد

TAIMOOR-STILL-LOOP

ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ دهشتگردن نجي ٽي وي سماءَ جي لائيو گاڏي ڊي ايس اين جي تي دهشتگردن انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيج ۾ هڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويو.

دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل ڪارڪن جي سڃاڻپ تيمور جي نالي سان ٿي وئي آهي. سماءَ جي ڊي ايس جي تي موجود رپورٽر ۽ ٻئي عملي جو چوڻ آهي ته ڪي ڊي اي چورنگي واري علائقي ۾ دستي بم ڌ ماڪي جي اطلاع تي هُو ڪوريج لاءِ پهتا ته دهشتگردن انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ تيمور ٿڏي تي شهيد ٿي ويو.

ٻي طرف سماءَ ٽي جي  گاڏي تي حملي ۽ هڪ ڪارڪن جي شهادت واري واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سماءَ ٽي جي وين تي حملي ۽ ڪارڪن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، واقعي جي جوابدارن کي هر حالت ۾ گرفتار ڪيو ويندو ۽ کين قانون موجب سزا ڏياري ويندي.

هوڏانهن صحافتي تنظيمن پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *