Tuesday , April 16 2024

ڪراچي ۾ دهشتگردي، قائد آباد ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا فوت،11 ماڻهو ڦٽجي پيا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ وڏي عرصي جي سڪوم کانپوءِ دهشتگردن بزدلاڻو وار ڪري وڌو آهي، قائد آباد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 شهري اجل جو شڪار۽ 11 ماڻهو ڦٽجي پيا آهن، ڌماڪي کان فوري طور پوءِ پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، علائقي جي بجلي بند ٿي وئي، ايس ايس پي عامر فاروقي جو چوڻ آهي ڌماڪو قائد آباد پل جي هيٺان ريڙهن جي وچ ۾ ٿيو ۽ هڪ ڊٻپ هٿ ڪيو ويو جنهن ۾ پيل ڌماڪيدار ناڪاره بڻايو ويو آهي.

ڪيترن ئي سالن جي امن امان کانپوِ دهشتگردن ڪراچي کي نشانو بڻائيندي قائد آباد واري علائقي ۾ پل جي هيٺان فروٽ ۽ پراڻن گرم ڪپڙن جي ريڙهن جي وچ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن ڀڄ ڊڪ پئجي وئي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 11 ماڻهو ڦٽجي پيا. واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن ٻن ڄڻن کي قائد آباد چوڪ ڀرسان قائم هڪ نجي اسپتال نيون ويو جتي ٻئي ڄڻا علاج کان اڳ ئي فوت ٿي ويا، جن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيوويو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ وڌيڪ 11 زخمين کي به جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انهن جو علاج هلندڙ آهي. جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سِيمي جمالي تصديق ڪندي چيو آهي ته، 11 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي ۽ ٻن ڄڻن جا لاش آندا ويا آهن.

ايس ايس پي عامر فاروقي جو چوڻ آهي ته واقعي جي زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي کانپوءِ قائد آباد ۾ بجلي بند ٿي وئي ۽ علائقي اونداهي ۾ ٻڏي ويو، جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ به ڏکيائيون پيش آيون. ڌماڪي جي اطلاع ملڻ جي فري بعد پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پهچي ويا ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.ڌماڪي سبب علائقي ۾ موجود گاڏين ۽ عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته جناح اسپتال ۾ پهچايل زخمين کي صحت جون بهتر سهولتون ڏنيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *