Saturday , April 20 2024

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقي ۾ عورت پوليس آفيسر تي مسجد ٻاهران حملو

ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقي ۾ ٻيو ڀيرو پوليس تي شهرين جو حملو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڪثريتي آبادي واري علائقي پير آباد ۾ ٻيو ڀيرو پوليس تي حملو، گذريل جمعي تي به لياقت آباد جي مسجد ٻاهران پوليس تي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ نمازي گهٽ هئا. ڪراچي جي پير آباد واري علائقي ۾ مسجد جي پيش امام جي هُشي تي نمازين ۽ شهرين جو عورت ايس ايڇ او تي حملو، زخمي حالت ۾ ڀڄي جان بچائي. سنڌ حڪومت پاران جمعي نماز جي اجتماعن کي محدود رکڻ وارن حڪمن تي ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ عمل ٿي نه سگهيو، ڪراچي جي پيرآباد واري علائقي ۾ نماز جو وڏو اجتماع ڪرڻ کان روڪڻ تي نمازين ۽ شهرين پيش امام جي هدايتن تي ايس ايڇ او تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ۽ عورت ايس ايڇ او زخمي به ٿي پئي، جنهن دوران پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه شهرين ۽ عورت آفيسر کي بچائي هجوم کان پري وٺي ويا. ڪراچي سوڌو پوري سنڌ ۾ اڄ لاڪ ڊائون جي 19 ڏينهن به مختلف شاهراهن تي ناڪا بندي جو سلسلو جاري آهي، راشن نه ملڻ سبب ۽ ڪاروبار بند هجڻ ڪري پورهيت طبقو سخت پريشانين ۾ وٺجي ويو، شهر ن ۾ جمعي جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، مختلف شهرن ۾ جمعي جي نماز تي پابندي باوجود ماڻهو گهرن ۾ نڪري نماز پڙهڻ پهتا، مختلف هنڌن تي پوليس سان چڪريون ٿيون، ڪراچي جي علائقي پيرآباد ۾ مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙھڻ کان روڪڻ تي شهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، شهرين سان چڪرين دوران عورت ايس ايڇ او زخمي ٿي پئي، پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ شهرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پير آباد ۾ مسجد ٻاهران مقرر پوليس اهلڪارن شهرين کي مسجد وڃڻ کان روڪيو ته شهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون. چڪرين دوران هڪ عورت ايس ايڇ او زخمي ٿي پئي، جنهن بعد پوليس جي وڏي نفري کي گهرايو ويو ۽ شهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪيوويو. پوليس جو چوڻ آهي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي کان روڪڻ تي شهرين پوليس تي حملو ڪيو آهي، سمورن شهرين خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. گذريل جمعي وري ڏينهن به ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي آبادي واري علائقي لياقت آباد جي هڪ مسجد جي پيش امام پاران پوليس اهلڪارن تي حملي جي پلاننگ ڪئي هئي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن حملن ۾ نمازين جو عمل دخل گهٽ لڳي رهيو آهي، ان باوجود به معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *