Tuesday , April 23 2024

ڪراچي ۾ اغوا بعد جنسي ڏاڍائي بڻايل نينگري واري معاملي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلبسپريم ڪورٽ

ڪراچي: سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ٻارڙيءَ سويرا سان زيادتي ۽ ڳلو ڪپڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪراچي سول اسپتال جي ايم ايل او پنهنجي شروعاتي رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻارڙي جي ڪنڌ، سيني ۽ پيٽ تي زخمن جا نشان آهن.
چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار گذريل ڏينهن ڪورنگي واري علائقي ۾ زيادتي ۽ تشدد جو شڪار ٿيل نينگري سويرا واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کان 48ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽراما سينٽر ۾ داخل نينگري سويرا جي حالت ۾ سڌارو آيو آهي ۽ هاڻي هو ڳالهائي به سگهي ٿي.
سول اسپتال جي ايم ايل او شروعاتي رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته نينگري سان زيادتي بعد کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
ايم ايل او جي رپورٽ موجب نينگري جي ڪنڌ، سيني ۽ پيٽ تي زخمن جا نشان ۽ نينگري کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سول اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ نينگري جي والده سان ملاقات ڪري نينگري سان ٿيندڙ زيادتي تي کائنس معلومات ورتي.
نينگري جي ماءُ آءِ جي سنڌ کي ٻڌايو ته سندس ڌي گذريل ڏينهن لاپتا ٿي وئي هئي ۽ جنهن بعد اها زخمي حالت ۾ ملي.
آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته نينگري جا وارث 8 سال اڳ لاڙڪاڻي کان ڪراچي منتقل ٿيا هئا.
ڪورنگي پوليس نينگري سان زيادتي ڪرڻ جي شڪ ۾ ابراهيم نالي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي.
ٻارڙي جي مامي ابراهيم حيدري ٿاڻي تي پهچي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته نينگري جو نالو سويرا ڌيءَ بشير آهي،جيڪا گذريل ڏينهن ڪورنگي ۾ گهر ٻاهران راند کيڏندي گم ٿي وئي هئي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *