Friday , March 29 2024

ڪراچي ڊولپمينٽ فورم آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ تنظيم جا قانوني معاملا اڪلائڻ لاءِ ٻه ڪميٽيون قائم

ڪي ڊي ايف جا قانوني ۽ رجسٽريشن جا معاملا اڪلائڻ لاءِ محمد خان شيخ جي سربراهي ۽ وقار لغاري جي سربراهي آرگنائيزنگ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌ سماچار) ڪرياچي ڊولپمينٽ فورم باقائدگي سان سرگرميون شروع ڪري ڇڏيو، فورم جي رجسٽريشن سميت قانوني مامرن ۽ آرگنائيزنگ لاءِ محمد خان شيخ ۽ وقار لغاري جي اڳواڻي ۾ ٻه ڪميٽيون قائم. ڪراچي ڊولپمنٽ فورم جي ڏھ رڪني آرگنائیزنگ ڪامیٽي جي پھرین گڏجاڻي ۾ تنظیم جي بنیادي ڍانچي، مقصدن، آئین منشور، میمبر شپ سمیت سمورن مامرن ج تفصیلي جائزو ورتو ويو، گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته، ڪي ڊي ايف ۾ رھندڙ ھر ان شخص کي سنڌي سمجھي ٿو جیڪو سنڌ ۽ سنڌین سان پیار ڪري ٿو. ان ڪري فورم جي مکیہ مقصدن ۾ ڪراچي ۾ رھندڙ سمورن سنڌین جي ٻڌي، انھن کي منظم ڪيو ويندو. طئي ڪيو ويو ته، انهن سمورن سنڌ ۽ سنڌين سان پيار ڪندڙن جي تعلیم، صحت، روزگار بابت انھن جي مدد ڪرڻ به فورم جي ذميوارين ۾ شامل هوندو.

فورم پاران زندگي جي سمورن شعبن سان لاڳاپیل اھم ماڻھن سان ملاقاتون ڪرڻ جو فیصلو ڪیو ویو. اجلاس ۾ ٻہ ڪامیٽیون جوڙیون ویون ، جن چار رڪني آئین ۽ منشور ڪامیٽي ایڊووڪیٽ محمد خان شیخ جي اڳواڻي ۾ جوڙي وئي، جنهن ۾ میمبرن ۾ عاجز جمالي، نورالدين جمالي ۽ سيد منور عالم شامل آھن. ڪمیٽي جلد کان جلد فورم جي آئین، منشور، میمبر شپ ۽ رجسٽریشن جھڙن مامرن کي مڪمل ڪندي. گڏجاڻي ۾ ڪي ڊي ايف کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ وقار لغاري جي اڳواڻي ۾ ڇھ ميمبرن تي ٻڌل آرگنائیزنگ ڪمیٽي جوڙي وئي، آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ الاھي بخش بڪڪ، احمد مغل، عرفان عالماڻي، شازیا ابڙو ۽ ذوالفقار منگي کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو، آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ذميواري هوندي ته، ڪراچي جي سڄاڻ ماڻھن، ادیبن، دانشورنڍ، وڪیلن، ڊاڪٽرن، صحافین، فنڪارن سوڌو زندگي جي هر شعبي سان واڳيل پروفیشنلز، اسیمبلي میمبرن سان ملاقاتون ڪندي، ڪميٽي انهن ماڻهن کي ڪراچي ۾ ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ واري سوال تي صلاح مشوران ڪري تنظیم جي مقصدن کان آگاھ ڪندي. ڪراچي ڊولپمنٽ فورم جي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ فورم جي تنظیم سازي وارو مرحلو به جلد شروع ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *