Thursday , April 25 2024

ڪراچي پيڪيج، 24 ڪلاڪن اندر تڪراري بڻجي ويو

وڏي وزر مراد علي شاهه کان ڪا به شڪايت ناهي: وفاقي وزير اسد عمر

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي شهر لاءِ اعلانيل 11سئو ارب رپين جو پيڪيج 24 ڪلاڪن اندر ئي تڪراري بڻجي ويو آهي، پيڪيج بابت بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي وزير اسد عمر جا تڪراري بيان منظر تي اچي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان پاران جمعي ڏينهن ڪراچي جي ڪجهه ڪلاڪن واري دوري دوران ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 11سئو ارب رپين جي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪيو هو. پيپزپارٽي جي چيئرمين ان پيڪيج بابت انڪشاف ڪيو ته 11 ارب رپين مان 800 ارب رپيا سنڌ حڪومت جا فنڊز آهن ۽ صرف 3 ارب رپيا وفاقي حڪومت ان پيڪيج ۾ ڏيندي. بلاول ڀٽو زرداري جي اهڙي بيان کان پوءِ رٿابندي واري وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي اهم ميمبر اسد عمر ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته، بلاول غلط بياني پيو ڪري، کيس غلط انگ اکر ٻڌايا ويا آهن، اصل ۾ ڪراچي پيڪيج لاءِ 800 ارب رپيا وفاقي حڪومت ڏئي رهي آهي ۽ صرف 3 ارب رپيا سنڌ حڪومت جا آهن. اسد عمر ان ڳالهه جو به انڪشاف ڪيو آهي ته، وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران وڏو وزير مراد علي شاهه به شريڪ ان سان اها ڳالهه طئي ٿي هئي ته اجلاس ۾ ٿيل ڳالهيون ۽ پيڪيج بابت ٿيل ڳالهيون ٻاهر ظاهر نه ڪيون وينديون نه ئي ڪنهن سان طئي ڪيل معاملا ڪنهن سان شيئر ڪيا ويندا، اسد عمر چيو ته کيس وڏي وزير کان شڪايت ناهي پر هن کي ائين  نه ڪرڻ گهربو هو.

وزيراعظم حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز لاءِ سکڻو دلاسو به نه ڏنو- اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *