Thursday , April 25 2024

ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرن جو رڪارڊ ڳجهن ادارن حوالي ڪرڻ جو فيصلو:ذريعا

Khuwaja Izhar still

متحده پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن تي حملي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرد عبدالڪريم جي ملوث هجڻ وارين ثابتين بعد، فيصلو ڪيو ويو آهي ته، يونيورسٽي جي سمورن شاگردن جو رڪارڊ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ڳجهن ادارن جي حوالي ڪيو ويندو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اهڙو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن بعد مرحليوار رڪارڊ مهيا ڪيو ويندو.

ذريعن موجب شاگردن جو رڪارڊ ڳجهن ادارن جي حوالي ڪرڻ لاءِ باقائدي سان يونيورسٽي جي لاڳاپيل اختيارين کان به منظوري ورتي ويندي. ان سلسلي ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو تڪڙو اجلاس سڏايو ويندو جنهن ۾ ان معامنلي تي غور ويچار ڪري، رڪارڊ ڳجهن ادارن حُالي ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي. ٻي طرف اهو به معموم ٿيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کان مقامي پوليس اسٽيشن جو ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي تجويز تي به غور ڪري رهي آهي.

اهڙاو فيصلو ڪرڻ جو جواز اهو ڄاڻايو پيو وڃي ته ويجهڙ ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر خواجه اظهار الحسن تي حملي ۾جامعه ڪراچي جي شاگرد عبدالڪريم جو ملوث ٿيڻ آهي، حملي ۾ مبينا طور تي ملوث عبدالڪريم بي ايس اپلائيڊ فزڪس جو شاگرد هو. جنهن 2010ع ۾ داخله ورتي هئي پر7 گذرڻ باوجود 4 سالن جي بي اي پروگرام مڪمل نه ڪري سگهيو هو. رڪارڊ موجب عبدالڪريم اڪثر ڪلاس مان غير حاضر رهندو هو ۽ پڙهائي ۾ به ڪمزور هو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن تي حملي کانپوءِ يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ آپرِيشن ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *