Saturday , April 20 2024

ڪراچي: نيب پاران 530 ايڪڙ زمينن جا کاتا تبديل ڪرڻ جو ريفرنس داخل، شاذر شمعون جا وارنٽ جاري

سنڌ جي بورڊ آف روينيو جي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ۾ 53 ارب رپين جي گهوٻين جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد نيب پاران رينفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

شروعاتي ڄاڻ موجب نيب پاران داخل ڪرايل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته، بورڊ آف روينيو لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اڳوڻي سينئر ميمبر شاذر شمعون تپيدارن، مختيار ڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل عملداررن سان ملي ڪرپشن ڪئي.

نيب جي ريفرنس موجب شاذر شمعون، گلستان جوهر واري علائقي اسڪيم 33، ڪورنگي اميت مختلف علائقن ۾ 530 ايڪڙ سرڪاري زمينن جا کاتا ڪوڙين داخلائن ذريعي سنڌ حڪومت جي خزاني کي 53 ارب رپين جو نقصان ڏنو.

نيب پاران اهڙو ريفنرس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب جي درخواست تي احتساب عدالت بورڊ آف روينيو جي اڳوڻي سينئر ميمبر شاذر شمعون، مختيار ڪار اسڪيم 33 مصطفيٰ جمال ۽ عبدالطيف بورهي سميت ٻين جوابدار ڄاڻايل عملدارن جي گرفتاري لاءِ وارنت جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *