Friday , March 29 2024

ڪراچي مان غير قانوني اڏاوتون وڏو وزير پاڻ ختم ڪرائي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي مان غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ جي ذميواري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حوالي ڪندي مڪاني ادارن جي واري وزير سعيد غني کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آپريشن نه ڪرڻ بابت بيان ڏيڻ تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر تي ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو، جسٽس گلزار احمد وسيم اختر کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان شهر وڪڻي ڇڏيو، پئسا دبئي ۽ لنڊن موڪلي ملڪيتون ٺاهيون، هاڻي نه اتي رهي سگهو ٿا ۽ نه ئي وري اتان جي موسم هتي آڻي سگهو ٿا. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل، بچاءَ واري سيڪريٽري، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) افتخار قائمخاني، ايس ايس پي سهائي عزيز ۽ ايس بي سي اي، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ سميت ٻين ادارن جا نمائندا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ رهائشي علائقن مان ڪمرشل سرگرمين جو خاتمو خاتمو ڪري شهر کي اصل ماسٽر پلان جي تحت بحالي جو حڪم ڏئي رکيو آهي، ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ مارڪي ۽ ڪنوينشن هال سميت دفاعي مقصدن جي لاءِ مختص زمين تي ڪمرشل سرگرمين کان روڪي رکيو آهي.

ٻڌڻي دوران ڪراچي ۾ حددخلين ۽ ملٽري لينڊ تي ڪمرشمل سرگرمين جو معاملو سامهون آيو ته بچاءَ واري سيڪريٽري عدالتي حڪم تي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته، دفاع واري وزارت جي رپورٽ اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي، ان تي ڪيئن اعتبار ڪجي؛ عدالت جي اهڙن رمارڪس تي، اٽارني جنرل ٻڌايو ته رڳو هڪ نقطي تي عمل ناهي ڪيو. جسٽس گلزار ريمارڪس چيو ته دفاع واري وزارت جو سيڪريٽري ٻڌائي ته عدالتي حڪمن تي اڃا تائين عمل ڇو ناهي ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي مان غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرائڻ واري ڪيس جي ڪارروائي دوران حددخلين جي خلاف آپريشن بابت بيان ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جي ميئر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪاٿي آهي اُهو مڪاني ادارن وارو وزير ۽ ڪراچي جو ميئر جيڪي چون ٿا ته، هُو هڪ به غير قانوني عمارت نه ڪيرائينداسين، ڇا هنن کي عدالت سان جنگ وڙهڻي آهي؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان پهرين سڀني کي ٻڌي وٺون ٿا پوءِ ٿا ڏسون ته انهن کي ڪيڏانهن موڪلڻو آهي، سڄي شهر ۾ لينڊ مافيا پروان پئي چڙهي ۽ هي اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن. سپريم ڪورٽ جي جسٽس گزار احمد مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني جي تقرير جو نوٽيس وٺندي کيس توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *