Friday , March 29 2024

ڪراچي: قديمي اسڪول ڊاهڻ ۾ روينيو سميت مختلف کاتا ملوث آهن: ذريعن جي دعويٰ

سولجر بازار قديمي اسڪول ڊاهڻ واري معاملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪول ڊاهڻ واري مامري ۾ روينيو کاتي سميت لاڳاپيل اختياريون ذميوار آهن، پلاٽ جا اٽارني پاورز هڪ عورت پاران سجاد بشير نالي شخص جي حوالي ڪيا.

سولجر بازار ۾ قائم قديمي ۽ قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول جي عمارت ڊاهڻ واري معاملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

سي ٽي ڊي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، اسڪول جي پلاٽ جي مالڪياڻي ڄاڻايل هڪ عورت پلاٽ جو پاور آف اٽارني سجاد حسين نالي شخص جي حوالي ڪيا.

سجاد حسين اسڪول جي عمارت ۽ پلاٽ جا پاور آف اٽارني ملڻ کانپوءِ روينيو کاتي جي اختيارين پلاٽ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، جنهن بعد پلاٽ جي وڪري لاءِ عدنان، ذيشان ۽ عابد نالي شخص سان ڊيل ڪئي هئي.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب 2011ع ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان اسڪول کي ڊاهڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ تعليم کاتي جي مداخلت بعد 15 جنوري 2011 تي اسڪول کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو.

سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته، اسڪول ڊاهڻ واري مامري جي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته، اٽارني پاور حاصل ڪندڙ شخص سجاد بشير کي جيئن خبر پئي ته عمارت کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي ته هُن پلاٽ وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب 2012ع ۾ اسڪول جي پلاٽ جي قيمت 16ڪروڙ رپيا هئي، جيڪا سرڪاري ڪاغذن ۾ گهٽ ڪري اڍائي ڪروڙ رپيا ڄاڻائي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *