Saturday , April 20 2024

ڪراچي شهر جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوا سان ۽ کنوڻ سان برسات

ڪراچي شهر جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوا ۽ کنوڻ سان برسات جو سلسلو جاري آهي. تيز هوا جي نتيجي ۾ ڪجهه علائقن ۾ وڻن جي ڪرڻ جا به اطلاع آهن. شهر ۾ برسات شروع ٿيندي ئي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي به بند ٿي وئي آهي.

شهر جي صدر، ايم اي جناح روڊ، ٽاور، ڪياماڙي، شاهراهه فيصل، ڪلفٽن، ڊفينس، قيوم آباد، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، شانتي نگر، ڀٽائي آباد، ملير ۽ ڀينس ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *