Wednesday , April 24 2024

ڪراچي: سينٽرل جيل جي ”سخت سيڪيورٽي“ تان پردو لهي ويو..!!

escaped

ڪراچي سينٽرل جيل جي سيڪيورٽي انتهائي سخت هجڻ جون دعوائون ڪندڙ صوبائي گهرو کاتي، ۽ جيل پوليس جي انهن دعوائن تان پردو لهي ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويندو هو ته ڪراچي سينٽرل جيل ڪراچي جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت آهن، ڀتيون به بم پروف آهن. پر جيل مان پابندي مڙهيل هڪ دهشتگرد تنظيم جا 2 انتهائي خطرناڪ دهشتگرد ممتاز ۽ محمد عمر ڀڄي ويا آهن، جن کي پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ٻيهر پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا خطرناڪ قيدين جي جيل مان لوهي شيخون ڪپي ڀڄي وڃڻ واري سموري مامري جي جاچ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي سربراھ ثناءُ الله عباسي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن معاملي جي جاچ شروع ڪري ورتي آهي.

ان سلسلي ۾ ڪراچي جي سينٽرل جيل مان قيدين ممتاز ۽ محمد عمر فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جيل کان ٻاهر ويندڙ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ئي نه ڪئي ويندي آهي. سينٽرل جيل ڪراچي جي 4 گيٽن تي قُلف لڳايا ئي ناهن ويندا، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي جو چوڻ آهي ته قيدي هڪ ڏينهن جي ڪارروائي نه پر ڪيترن ئي ڏينهن جي ڪوششن بعد فرار ٿيا آهن. آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا طرفان سينٽرل جيل ڪراچي مان ٻن قيدين ممتاز ۽ محمد عمر جي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪندي هدايت ڪئي وئي آهي ته جاچ کي هر لحاظ کان شفاف بڻايو وڃي ۽ فرار ٿيل قيدين جي گرفتاري لاءِ حڪمت تحت قدم کنيا وڃن.

ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي جو چوڻ آهي ته فرار ٿيندڙ هڪ قيدي جي ڪيس ۾ پيشي ئي نه هئي، جڏهن ته ٻئي قيدي جي جتي پيشي هئي اتي جو جج موڪل تي هو. ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي چيو ته اهي قيدي هڪ ڏينهن نه پر ڪيترن ئي ڏينهن جي تياري بعد فرار ٿي ويا. ثناءُ الله عباسي ٻڌايو ته جيل جون شيخون گرل مشينن جي مدد سان ڪٽيون ويون. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽرل جيل جي مک دروازي، جوڊيشل ڪامپليڪس ۽ بيرڪس ڏانهن ويندڙ رستن جي گيٽن تي تالا ئي ناهن لڳل هوندا، جڏهن ته جيل کان ٻاهر ويندڙ ماڻهن کان به پڇا ڳاڇا نه ڪئي ويندي آهي. ڪراچي جي سينٽرل جيل مان ٻن خطرناڪ قيدين جي فرار ٿيڻ بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي قيدين کي نه هٿڪڙيون لڳل هيون ۽ نه وري قيدين وارا ڪپڙا پهريل هئا. معاملي جي شروعاتي طور جاچ رپورٽ بابت ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻئي قيدي هڪ ڏينهن اڳ فرار ٿيا پر جيل اختيارين ان واقعي کي ٻئي ڏهاڙي تي ظاهر ڪيو، جڏهن ته رات جي وقت جڏهن قيدين جي ڳڻپ ٿي ته ان وقت به کين اتي موجود ڏيکاريو ويو.

central-jail-karachi 1

ذريعن جو چوڻ آهي ته قيدي جڊيشل ڪامپليڪس کان جيل جي ملازمن واري ڪالوني تائين پهتا جتان وري کين قيدين وارا ڪپڙا نه هجڻ ڪري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هن وقت تائين جيڪي ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، انهن مان خدشو آهي ته قيدين جي فرار ٿيڻ ۾ جيل انتظاميا جي ملي ڀڳت شامل آهي.

قانون ۽ جيل کاتي واري صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سينٽرل جيل ڪراچي مان ٻه قيدي فرار ٿيڻ بابت جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪاميٽي کي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مئنڊيٽ ڏنو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻن قيدين جو فرار ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آهي، جيل سپرينٽڊنٽ سميت 12 اهلڪارن جي گرفتاري جا حڪم ڏنا ۽ انهن کي انهي وقت گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته جوڊيشنل ڪامپليڪس زير تعمير آهي قيدي اتان فرار ٿيا آهن. هن چيو ته قيدين جي فرار ٿيڻ تي سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي آهي ڪنهن کي ڦاهي تي نه ٿو چاڙهي سگهجي، مان واضع ايڪشن ورتو جيڪو نظر اچي رهيو آهي، حڪومت مڪمل انتظام ڪندي آهي ڪٿي نه ڪٿي ناڪامين سبب واقعو رونما ٿيو. هن چيو ته جيل محفوظ ايريا آهي اي ٽي سي جو بهانو ڪري قيدي فرار ٿيا آهن، اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيو آهي اتي سي سي ٽي وي فوٽيج به ڪم ناهن ڪري رهيا، جيل جا اندريان ۽ ٻاهريان ماڻهون ملوث ٿي سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *