Thursday , March 28 2024

ڪراچي: سنڌ پوليس کي وڏي وزير جي ماتحت ڪرڻ ۽ ڊي ايس پيز جي سڌي ڀرتي ڪرڻ جون تياريون

sindh-police logo smallLanjar 02

سنڌ سرڪار اڻ سڌي طرح پرويز مشرف جي قانون کي بحال ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن، حۡومت پاران سنڌ پوليس کي مڪمل طور تي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي ماتحت ڪري آءِ جي جي اختيارن کي انتهائي محدود ڪرڻ لاءِ قانون سازي جي تياري شروع ڪري ڏني آهي. ان سلسلي ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ، سنڌ اسيمبلي جي پوليس بابت اسپيشل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

سنڌ حڪومت پاران سنڌ پوليس ۾ متبادل اٿارٽي جوڙي پوليس آفيسرز جي مقررين، بدلين پروموشنز ۽ پوليس کاتي جا فنڊز خرچ ڪرڻ بابت سنڌ پوليس اٿارٽي جوڙڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس اٿارٽي جو سربراهه وڏي وزير کي بڻائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي پوليس بابت اسپيشل ڪميٽي جو اجلاس قانون واري وزير جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس قانون ۾ سڌارا آڻينداسين، وڏي وزير جي سربراهي ۾ سنڌ پوليس اٿارٽي قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

قانون واري وزير پوليس قانون ۾ ترميم واري اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، سنڌ پوليس اٿارٽي قائم ڪرڻ تي ويچاري رهيا آهيون، جنهن جو سربراهه وڏي وزير ۽ نائب سربراهه گهرو وزير کي مقرر ڪرڻ تي به غور ڪيون پيا. ضياءَ لنجار چيو ته پوليس اٿارٽي ۽ نئين قانون بابت قانون سازي ڪرڻ لاءِ ايڪٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن تحت پوليس آفيسرز جي مقررين، بدلين، ترقين ۽ پوليس کاتي جا فنڊز استعمال ڪرڻ جو اختيار ان اٿارٽي کي هوندو جنهن جو سربراهه وڏو وزير هوندو.

قانون واري صوبائي وزير چيو آهي ته سنڌ پوليس جي قانون ۾ تبديليون ڪري اهڙو قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن سان عوام کي فائدو پهچي، نئين قانون ۾ نئون پوليس ڪيڊر قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، جنهن مطابق ڊي ايس پيز کي سڌي ريت ڀرتي ڪري سگهبو.

ضياءَ لنجار چيو ته نئون پوليس ايڪٽ جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد پوليس رولز  جو به نئين سري سان جائزو ورتو ورتو ويندو. هن چيو ته نئين قانون ۾ ڪميونٽي پوليسنگ پوليس قائم ڪرڻ تي به ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪا هاڻي صوبائي سطح تي هوندي، نئين قانون موجب پوليس کاتي ۾ مانيٽرنگ اينڊ ڪوآرڊيشن ڪميشن جي جوڙجڪ ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *