Friday , March 29 2024

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صديق ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن واري ڪيس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، وڪيل چيو آهي ته نيب زمين وڪرو ڪندڙ اصل جوابدارن بدران صديق ميمڻ کي هيسائي رهي آهي، نيب کي جاچ کان روڪيو وڃي، نيب پراسڪيوٽر چيو آهي ته ان وقت جي وڏي وزير کي زمين جي وڪري بابت موڪليل سمري جعلي هئي، زمين فرضي نالي تي وڪرو ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ 6 ايڪڙ زمين غير قانوني طور الاٽمينٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. صديق ميمڻ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته صديق ميمڻ زمين وڪرو نه ڪئي هئي، نيب جاچ جي نالي تي اڳوڻي چيف سيڪريٽري کي هيسائي رهي آهي، عدالت غير قانوني جاچ کي روڪرائي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته صديق ميمڻ ۽ ٻين خلاف جاچ جاري آهي، سرڪاري آفيسر غلام عباس وڏي وزير کي زمين الاٽمينٽ لاءِ سمري اماڻي، تڏهوڪي وڏي وزير کي اماڻيل سمري جعلي هئي ۽ زيمن زمين محمد ايوب جي فرضي نالي تي الاٽ ڪئي وئي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان7 فيبروري تي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *