Friday , April 19 2024

ڪراچي جي مڪاني چونڊن جا نتيجا، جماعت اسلامي پاران احتجاج جو اعلان

ڪراچي  ( رپورٽر    سنڌ سماءَچار) صوبائي اليڪشن ڪميشن سنڌ ڪراچي ڊويزن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جماعت اسلامي نتيجن خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ هيراڦيري خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته چونڊ نتيجن ۾ دير ڪري اسان کي هارايو ويو، ڪارڪن سڀاڻي سڄي ملڪ خاص طور تي ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي کي ڪراچي ۾ هٿ سان هارايو ويو آهي، اسان جي پولنگ ايجنٽس کي مليل فارم 11 ۽ 12 موجب اسان جا 96 ميمبر ڪامياب ٿيا آهن، جن جا ثبوت به موجود آهن، هن چيو ته اسان نتيجا قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ بابت جماعت اسلامي هنگامي اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ آئيندا جو لائحه جوڙينداسين، ابتدائي طور تي اڄ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. حافظ نعيم الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن جي آيل نتيجن تي پيپلزپارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون، پهريان اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن ان کانپوءِ ڳالهيون ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *