Friday , March 29 2024

ڪراچي جي سنڌي وسندي فقير محمد ڳوٺ مسئلن جي ڪن ۾ ڦاٿل،چونڊيل نمائندا گم ٿي ويا

گڏاپ (نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي اوڀر ضلعي ۾ قائم قديمي سنڌي وسندي فقير محمد بروھي ڳوٺ بنيادي مسئلن جي ڪن ۾ ڦاٿل آهي، گذريل ڪيتري عرصي کان علائقي ۾ گندي پاڻي جي نڪال وارو نظام مڪمل طور تي تباهه ٿيل آهي، جنهن سبب گندو پاڻي گهيٽين ۾ بيٺل هجڻ ڪري مختلف قسم جي بيمارين به منهن ڪڍيو آهي پر عالئقي مان ووٽ وٺي ڪامياب ٿيندڙ چونڊيل مڪاني ادارن جا نمائنمدا ڪامياب ٿيڻ بعد گم ٿي ويا آهن.

ڪراچي اوڀر ضلعي جي يونين ڪائونسل نمبر 31 پ، پ، پ، جو ڳڙھ طور سڃاتو ويندڙ 10 کان 15 ھزار گھرن جي وڏي آبادي تي مشتمل هي آبادي چونڊيل نمائندن توڙي ڪراچي جي مقامي انتظاميا مڪمل طور تي نظر انداز ٿيل آهي. ڳوٺاڻن وڏيري فقير محمد بروھي، وزير سوڍر جمال مگسي، لالا حڪيم، مارڪيٽ ڪميٽي صدر ڊاڪٽر عبدالعليم ميمڻ، سچل وڌو، محڪم الدين منگي، ذوالفقارعلي، مٺل خاصخيلي، عبداللھ جمالي، شاھد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چونڊيل نمائندن خلاف فقيرا ڳوٺ چونڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڳوٺاڻن سنڌسماءِچار جي سماچاري سان ڳالهائيندي چيو تہ اسين ھر ڀيري پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا اچون پيا پر ھر ڀيري چونڊيل نمائنده اسان کي ئي نظر انداز ڪندا پيا اچن، 8 سال پھرين سرڪار پاران اسان جي ڳوٺ جي مين بازار وارو روڊ منظور ڪيو ويو پر ان باوجود بہ مين روڊ ٺھرائڻ جا جيالن في دڪاندار کان 2 ھزار ۽ في گھر کان 500 روپيہ ورتا، اسان جي ڳوٺ ۾سيوريج لائنن، توڙي گليون پڪيون ڪرڻ جا اسان کان في گھر 100 روپيہ ورتا ويا، چونڊيل نمائندن ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏي آھي، ھميشہ سنڌي ماڻھن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪندا پيا اچن، ڪراچي جي غير سنڌي علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري آھن. سنڌي ماڻھن کي پٺ تي اڇلايو پيو وڃي، وڏي آبادي رکندڙ اسانجي ڳوٺ ۾ اسڪول، توڙي سرڪاري ڊسپنسري بہ ميسر ناھي. هنن چيو ته اسان جا معصوم ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم آھن، پرائيوٽ اسڪولن جي فيسون منھگيون ھجڻ ڪري غريب ماڻھو پنھنجي ٻارڙن کي تعليم جھڙي زيور کان پري رکڻ لڳا آھن۽ معصوم ٻارڙن کي فيڪٽرين توڙي مزدوري ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، 10 کان 15 ھزار آبادي جي ڳوٺ کي سرڪاري ڊسپنسري بہ ناھي ڏني وئي جنھن ڪري غريب ماڻھو پنھنجي علاج ڪرائڻ لاء شھر ڏانھن وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، اسان جي مين روڊن جي حالت انتھائي خراب ٿيل آھي، ايمرجنسي ۾ اسان کي اسپتالن تائين وڃڻ ۾ بہ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، شھر مان پنھنجا ڪاروبار ڇڏي اسان جي علائقي ۾ ايندڙ دڪاندار بہ ھاڻي مايوس ٿي پنھنجا ڪاروبار وري شھر ڏانھن منتقل ڪرڻ لڳا آھن، مھيني ۾ اسين دڪاندار پنھنجي مدد پاڻ تحت چندو ڪري گٽر کلرائيندا آھيون، سپر ھاء وي توڙي، گلشن معمار موڙ کان ايندڙ مين روڊ فقيرا ڳوٺ پھچڻ کان پھريان ئي ختم ٿيل آھن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *