Thursday , April 25 2024

ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي دوران مزاحمت،هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) صدر جي ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي وارن رستن تي غير قانوني طور قائم ڪيل چپرن، ريڙهن ۽ پاٿارن کي هٽائڻ دوران اينتي انڪروچمينٽ سيل ۽ قبضا مافيا وچ ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو،اسسٽنٽ ڪمشنر زخمي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايمريس مارڪيٽ ۽ جهانگير پارڪ جي مختلف رستن تي ڪيل قبضا هٽائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ساره جاويد جي نگيراني ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڪارروائي ڪئي. ان موقعي تي قبضا مافيا جي ماڻهن اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تي حملو ڪري پٿراءُ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ساراه جاويد سيمت عملي جا 7 ڄڻا ۽ هڪ ڄڻو حملي آورن جو زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته پٿراءَ ۾ ئي قبضا مافيا جو هڪ ڄڻو معروف ڌڪي ٿي پيو. زخمين کي اسپتال نيون پي ويو ته معروف رستي ۾ فوت ٿي ويو.

پوليس ۽ قبضا مافيا ۾ ڇڪتاڻ دوران هڪ ڄڻو معروف ولد محبوب مارجي ويو، ريڙهي وارن لاش روڊ تي رکي انتظاميا خلاف ڌرڻو هنيو. ڊي ايم سي پاران ڪارروائي ختم ڪئي وئي جنهن بعد قبضا مافيا پاران احتجاج ختم ڪري مارجي ويل جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊي ايم سي جو چوڻ هو ته سڄي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو نظام صحيح ٿي ويو آهي ڪنهن به روڊ تي ٽريفڪ جام نٿي ٿئي صرف صدر ۾ حددخلين سبب روڊ بند آهن جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿئي ٿي. ڊي ايم سي عملدارن چيو ته حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي ته قبضا مافيا پاران پٿراءُ ڪيو ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *