Friday , April 26 2024

ڪراچي جو اڳوڻو ناظم نعمت الله خان لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌاسيمبلي جو اڳوڻو ايم پي اي ۽ ڪراچي جو اڳوڻو ناظم نعمت الله خان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم نعمت الله خان ڪراچي  جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. نعمت الله خان ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ اڄ نوي ورهين ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. نعمت الله خان پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ سميت ملڪ ۾ لاڳو ڪيل ناظمي نظام ۾ ڪراچي جو 2001 کان 2005 تائين پهريون سٽي ناظم به رهيو، 1985 ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ ڪراچي مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيو ويو هو. نعمت الله خان جماعت اسلامي جي سماجي تنظيم الخدمت فائونڊيشن جو چيئرمين به رهيو، جنهن دران هن پهريون ڀيرو ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه کوٽرايا ۽ نلڪا به هڻايا. ڪڪراچيي جي ناظمي دوران هن شهر ۾ وڏا ترقياتي منصوبا شورع ڪرائي مڪمل ڪرايا، فلاءِ اوورز، روڊن ۽ پاڻي جي منصوبن  تي سندس گهڻو ڌيان رهيو. نعمت الله خان ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقيي ۾ نيپا چورنگي ويجهو پهرين مڪمل وومين لائبريري جو منصوبو شروع ڪيو، جنهن تي کيس جماعت اسلامي جي هڪ گروپ سخت مخالفت به ڪئي هئي، وومين لائبريري جو اهوا  منصوبو اڻڄاتل سببن جي ڪري اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهي جيڪو مڪمل طور تي مڪمل ٿي ناهي سگهيو. نعمت الله خان 1930 ۾ ڀارت جي اجمير شريف واري علائقي ۾ پپيدا ٿيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان لڏي آيو، نعمت الله خان ڪجهه وقت صحافت سان به لاڳاپيل رهيو ۽ پيشي جي حساب سان وڪيل هو. نعمت الله خان جو مڙهه ڪراچي ۾ ئي دفنايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *