Saturday , April 20 2024

ڪراچي: آدمشماري جو خرچ وڌي 30 ارب رپيا ٿي ويو

census-karachi

وفاقي حڪومت ايندڙ آدمشماري جي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ آدمشماري لاءِ مختص ڪيل ساڍا 14 ارب رپين جي بجيٽ وڌائي 30 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان 22.99 ارب رپيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڏنا ويندا، جڏهن ته 7.1 ارب رپيا سول ادارن جي انيومريٽرن سميت ٻئي اسٽاف جي معاوضن ۽ ٽرانسپورٽ خرچن لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته صوبن جي پوليس پڻ آدمشماري جي ٽيمن کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ پوليس اهلڪارن جي ٽرانسپورٽ، کاڌي ۽ معاوضن سميت ٻين خرچن لاءِ پڻ الڳ سان پئسا گهري ورتا آهن پر اُن معاملي تي حتمي پلان اڃا نه جڙي سگهيو آهي ۽ پوليس اڃا لکت ۾ اهو نه ڏنو آهي ته ڪيتري ڪيتري بجيٽ گهربل آهي. اُن بابت آدمشماري جي حوالي سان بيورو آف اسٽيٽڪس پاران مقرر ڪيل سرڪاري ترجمان حبيب الله رابطو ڪرڻ تي “ڪاوش” کي ٻڌايو ته آدمشماري جي خرچن جي فنڊن ۾ 30 ارب رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي ۽ اُن جو ڪارڻ آدمشماري جي ڳڻپ دوران هر ٽيم کي آرمي جا هڪ بدران ٻه اهلڪار ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي خرچن ۾ واڌ ٿيڻ آهي، 22.99 ارب رپيا سيڪيورٽي خرچن جي مد ۾ مختص ڪيا ويا آهن، هن اها پڻ تصديق ڪئي ته صوبن جي پوليس پڻ سيڪيورٽي جي مد ۾ الڳ فنڊ گهُري ورتا آهن پر اڃا لکت ۾ ڊمانڊ نه ڏني وئي آهي ۽ ڊمانڊ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي ته پوليس ڪيترا ڪيترا فنڊ گهري ٿي، ٻئي طرف ذريعن موجب آدمشماري ۾ ديوٽي ڏيندڙ اهلڪارن کي مختلف معاوضا پڻ ڏنا ويندا، اُن لاءِ پئسا ورتا ويا آهن، هوڏانهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ ڪالهه هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڊاڪٽر نياز عباسي، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي ۽ فائيو ڪور جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آدمشماريءَ دوران سيڪيورٽيءَ جي معاملن، آرمي لاءِ رهائشگاهه جي انتظامن ۽ پوليس جي خرچن بابت غور ويچار ڪيو ويو، ذريعن موجب پوليس جي خرچن لاءِ 70 ڪروڙ رپين جي گهُر ڪئي وئي آهي.

SindhMap

ٻي طرف چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ قائم ٿيل صوبائي سينسز ڪاميٽي جو اجلاس پهرين مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا سمورا ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيندا.  جنهن ۾ آدمشماريءَ بابت پلانن جو جائزو ورتو ويندو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويندا.  ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن سبب آدمشماريءَ دوران سيڪيورٽيءَ جا انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اُن لاءِ ان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

census-karachi2

آدمشماري لاءِ طئه ڪيل اصولن بابت آدمشماري ڪرائيندڙ اداري جي سرڪاري ترجمان چيو آهي ته آدمشماريءَ دوران گهر جي وڏي يا ڪنهن به ڀاتيءَ جو شناختي ڪارڊ نمبر نوٽ ڪيو ويندو پر جيڪڏهن سڄي گهر وٽ شناختي ڪارڊ نه آهي ته اُن صورت ۾ انهن جي پاڙي وارن ماڻهن ذريعي تصديق ڪرائي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته آدمشماريءَ ۾ ڪارڊ نه ٺهيل ماڻهن کي به ڳڻيو ويندو، ان ڪري اهو نه چيو وڃي ته جن جا شناختي ڪارڊ نه ٺهيل آهن ته اُهي ان ڳڻپ کان رهجي ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *