Friday , March 29 2024

ڪراچي:پوليس وري دهشتگردن جي نشاني تي، سائيٽ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، 4 اهلڪار شهيد

ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري دهشتگردن ڪارروائي ڪري پوليس کي نشانو بڻايو آهي، شهر جي سائيٽ واري علائقي ۾ روزو کولڻ دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سائيٽ واري علائقي حبيب بئنڪ چورنگي ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ اي ايس آءِ سميت 4 اهلڪار شهيد ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اي آءِ جي سائيٽ جي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ايس پي سائيٽ جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٽن کان چئن دهشتگردن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو.

ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ حبيب چورنگي وٽ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن روزو کولڻ لاءِ هوٽل تي ويٺل پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڀڄي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت 4 پوليس اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. ايس ايس جو چوڻ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ محمد يوسف، سپاهي راجا شبير، خالد ۽ اسرار شامل آهن.

اي آءِ جي مشتاق مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، شهيد اهلڪارن ڊيوٽي دوران ايس او پيز تي عمل نه ڪيو، سمورن پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايس ايڇ او سائيٽ کي لاپرواهي جي بنياد تي معطل ڪيو ويو آهي. مشتاق مهر چيو ته سائيٽ جي ڊي ايس پي ۽ سائيٽ جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي.

ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار حبيب چورنگي ۽ سيمينز چورنگي واري علائقي ۾ سنيپ چيڪنگ تي مقرر ٿيل هئا، افطاري جو وقت ٿيڻ تي روزو کولڻ لاءِ هوٽل تي ويٺل هئا ته هٿياربندن کين نشانو بڻايو. هن چيو ته شهيد اهلڪارن کي مٿي ۾ ٻه ٻه گوليون لڳل آهن ۽ واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل جا 13 خالي خول مليا آهن.

ايس ايس پي جو چوڻ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ محمد يوسف، سپاهي راجا شبير، خالد ۽ اسرار شامل آهن.

ايس پي سائيٽ جو چوڻ آهي ته، 3 کان 4 هٿياربند ٻن موٽرسائيڪلز تي سوار هئا ۽ سمورن دهشتگردن کي هيلمٽ پاتل هئا.

هن چيو ته شهيد اهلڪارن کي مٿي ۾ ٻه ٻه گوليون لڳل آهن ۽ واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل جا 13 خالي خول مليا آهن.

سائيٽ واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو آهي ته، پوليس تي فائرنگ واقعي ۾ نئون دهشتگرد گروپ ملوث آهي. راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته سائيٽ واقعي ۾ ملوث دهشتگرد واقعي بعد فرار ٿي وڃڻ بعد واپس واقعي واري هنڌ اچي هڪ پمفليٽ اڇلائي ويا آهن، جنهن ۾ دهشتگردن جي النصار جي نالي سان نئون گروپ سامهون آيو آهي. راجا عمر خطاب خدشو ظاهر ڪندي چيو ته، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ واقعن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

ٻي طرف ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ هڪ ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي دوران 2 پوليس اهلڪار ڪمال الدين ۽ رحيم بخش زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ابراهيم حيدري ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته، اهلڪارن ڦورو نور حڪيم جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ته پوليس تي پاڙي واري گهر مان پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا….

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *