Thursday , March 28 2024

ڪراچي:نون ليگ ايم ڪيو ايم جون سيلڊ ڪيل آفيسون کولي ڏيڻ ۽ گرفتار ڪارڪنن کي ريليف ڏيارڻ لاءِ سرگرم

PML N & MQM

نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ نئون وزيراعظم چونڊرائڻ لاءِ نون ليگ پاران ووٽن جي ضرورت نه هجڻ باوجود ايم ڪيو ايم پاڪستان کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻن ڪيل وعدن تي عمل ڪرائڻ خاطر عملي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

نواز شريف جي نااهلي بعد نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي دوري دوران ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب متحده پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي.

وزيراعظم سان ملاقات لاءِ ويندي متحده پاڪاستان جي سربراھ داڪٽر فاروق ستار به ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالح جو ورجاءُ ڪيو ته، وزيراعظم جي چونڊ لاءِ متحده ن ليگ جي حاميت ڪئي. حمايت ڪرڻ عيوض نون ليگ جي قيادت وعدو ڪيو هو ته، ڪراچي ۾ سندن بند /سيلڊ ڪيل آفيسون کولرائي واپس سندن حوالي ڪيون وينديون. ڪراچي ۾ آپريشن دوران گرفتار ڪيل سندن ڪارڪنن کي آزاد يا ٻيو ريليف ڏنو ويندو. وزيراعظم سان ملاقات بعد فاروق ستار چيو ته، وزيراعظم کين پڪ ڏياري آهي ته سندس قيادت جيڪي به وعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ معاملن جو جائزو ورتو پيو وڃي جلد سندن خدشن کي ختم ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *