Friday , March 29 2024

ڪراچي:سنڌ اسيمبلي ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري ڪارڊ کي لازمي قرار ڏيڻ ۽ ڪرڪيٽ جي قومي ٽيم ۾ سنڌي رانديگر شامل ڪرڻ جا ٺهرا منظور ڪري ورتا

MURAD SHAH

سنڌ اسيمبلي اسڪولن ۾ داخل لاءِ پوليو ڪارڊ لازمي قرار ڏيڻ، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ جي رانديگرن کي شامل ڪرڻ ۽ يوٿ تعليمي پاليسي جوڙڻ سميت مختلف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي هڪ تعلقي جي سمورن اسڪولن ۾سولر سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ هوا مان ساڍا 5 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر پيٽرول جي اگهن ۾ امڪاني واڌ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. ڪامران اختر چيو ته وفاقي سرڪار عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. فنڪشل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي سنڌ ۾18هين ترميم بعد خودمختيار تعليمي ۽ يوٿ پاليسي جوڙڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي به يڪراءِ منظور ڪيو ويو. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ سرڪار کي خودمختيار تعليمي ۽ يوٿ پاليسي جوڙڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٻنهي شعبن جو معيار تباهه ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي سيما ضياءَ چيو ته نوجوانن کي بهتر تربيت ڏيڻ سان امداد جي ضرورت ئي نه پوندي. اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي نوجوانن جي پارٽي آهي، هنن 2012 ۾ ئي شهيد بينظير يوٿ پروگرام شروع ڪيو هو. ايوان ۾ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي داخل ڏيڻ لاءِ پوليو ڪارڊ لازمي قرار ڏيڻ ۽ ڊينگي کان بچاءَ بابت جاڳرتا مهم هلائڻ وارا ٺهراءَ به اتفاق راءِ سان منظور ڪيا ويا. ايوان کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ڪم تيزي سان جاري آهي، هوا مان ساڍا 6 سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته ٿر جي هڪ تعلقي جي سمورن اسڪولن کي سولرائز ڪيو ويو آهي، هاڻي ٽيوب ويلز کي به سولر انرجي تي هلايو ويندو. اجلاس دوران مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته وقتي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……… ٺارو شاهه ۾ ننڍي قد جا ٻه ماڻهو شڪايت ڪري رهيا آهن ته پڙهيل لکيل هجڻ باوجود ڊگهي عرصي کان کين نوڪري نه ٿي ملي، ٽوڪ ۽ چٿر سبب اُهي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ عبدالله اڄڻ ۾ هڪ ئي ڪٽمب جا 2 ڄڻا عبدالحميد اڄڻ ۽ سڌير اڄڻ قد ننڍو هئڻ سبب عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. ننڍي قد وارن همراهن جو چوڻ آهي ته نوڪري نه ملڻ سبب اُهي گاهه پٺو ڪري گذارو ڪري رهيا آهن. ننڍي قد وارن همراهن جو چوڻ آهي ته هو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ به گهڻو رُليا آهن، کين نوڪري نه ٿي ملي. هنن مطالبو ڪيو ته کين نوڪري ڏئي بي وسيءَ جي زندگي مان جان ڇڏرائي وڃي. ياد رهي ته ننڍي قد وارن ٻنهي شخصن جو قد اڍائي-اڍائي فٽ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *