Friday , March 29 2024

ڪراچي:سنڌ اسيمبليءَ ۾ امداد پتافي، تيمور ٽالپر ۽ ٻين جي غيرمهذب رويئي جو پ پ قيادت نوٽيس نه ورتو

ڪراچي: جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي وزير امداد پتافي، وڏي وزير جي خاص مددگار تيمور ٽالپر سميت پ پ جي ايم پي ايز ۽ عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي سان غيرمهذب ٻولي ڳالهائيندي مخاطب ٿيڻ واري معاملي جو پيپلز پارٽي جي قيادت ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.

سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ اسيمبلي رولز مطابق سوالن جي جوابن بابت وضاحت يا ڪنهن به ٻولي ۾ ان کي پڙهڻ واري ڳالهه تان صوبائي وزير امداد پتافي پاران نصرت سحر عباسي سان غير مهذب زبان استعمال ڪئي وئي.

امداد پتافي جي غيرمهذب زبان استعمال ڪرڻ دوران ايوان ۾ موجود سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه، صوبائي وزير سيد سردار شاهه، نثار کهڙو، ڄام خان شورو سميت سمت اهم ۽ سيد مراد علي شاهه جهڙو سينئر ترين پارليامينٽيرين به موجود هئا، پر ڪنهن به اهڙي رويي تي امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر کي نه روڪيو.

سنڌ اسيمبلي جي هن وقت قائم مقام اسپيڪر به عورت آهي پر ان امداد پتافي کي کلندي مخاطب ٿي ۽ نصرت سحر عباسي کي دڙڪا ڏيندي رهي.

ٻي طرف سنڌ اسيمبلي جو ايوان ان وقت به ڏسڻ وٽان هو جڏهن امداد پتافي هڪ عورت ايم پي جي تذليل ڪري رهيو هو ته ان وقت ان جي پارٽي جا ايم پي ايز ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ سميت سمورا ايم پي ايز خاموش تماشائي بڻيل هئا.

هڪڙي عورت ايم پي پنهنجو دفاع ائين ڪري رهي هئي جيئن گهٽي جي داداگيرن سان ڪا معصوم اڪيلي ڇوڪري مزاحمت ڪندي هجي.

جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پيش آيل واقعي جو فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري جو به ڪو بيان جاري ناهي ٿيو، پارٽي پاليسي ناهي آهي.

ايوان ۾ نصرت سحر عباسي سچ چيو هوت ”هوءَ اسيمبلي ۾ موجود هڪ مائينڊ سيٽ ذهني سوچ جيڪا هڪ مرداڻي سماج جي آهي ان سان وڙهي رهي آهي.

اتي هڪ سوال اهو به آهي ته ڇا جيڪڏهن نصرت سحر عباسي جي جاءِ تي سسئي پليجو، شازيا مري، يا ڪا ٻي اپر ڪلاس جي عورت ميمبر هجي ها ته پوءِ ڇا ماحول هجي ها…؟؟؟؟

سنڌ جا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته جڏهن اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم بينظير ڀٽو خلاف گٿا لفظ ڳالهايا هئا ته پ پ وارن آسمان مٿي تي ڇو کنيو هو..؟؟

جڏهن بينظير ڀٽو جي لاءِ فتويٰ آئي هئي ته عورت وزيراعظم ٿيڻ سان ملڪ تي نهوست آئي ته ان وقت پ پ وارن کي ٽنڊڻيون ڇو لڳيون هيون…؟

سوال اهو به آهي ته، پاڻ کي لبرل، عورتن جي حقن جي پاسدار سڏائيندڙ پيپلز پارٽي آخرڪار ڪهڙن ماڻهن جي هٿ چڙهي وئي آهي جيڪي هڪ عورت کي سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ائين تضحيڪ جو نشانو بڻائي رهيا آهن..؟؟

سنڌ جا ماڻهو اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جنهن جي سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ اڄ به کيس ان ئي عزت واري سوچ سان ياد ڪن ٿا، ان جو پٽ پڙهيل لکيل ۽ سرگرم نظر ايندڙ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڇو وات ۾ منڱ وجهي رهيو آهي…؟؟؟

سنڌ جا ماڻهو اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن ته ، سنڌ ڪابينا ۾ اهڙو وزير ڪيئن ويٺو آهي، جنهن کي اسيمبلي جي رولز جي به خبر نه آهي، ، جنهن کي هڪ عورت سان ڳالهائڻ جي به تميز نه آهي، ، ڇا ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پ پ جي وارثي هاڻي اهڙن ماڻهن وٽ آهي…؟؟؟

ماڻهو پڇن ٿا ته ، شاعري ۾ سنڌ سنڌ ڪندي نه ٿڪجندڙ صوبائي وزير سردار شاهه ڇو خاموش آهي، ڇا اها سڄي پيپلز پارٽي جي پاليسي آهي…؟؟

پيرپاڳارو حرن جو روحاني پيشوا آهي، پر ان سان گڏ هو فنڪشنل ليگ جي پليٽفارم تان سياست به ڪري ٿو ۽ سندس ئي پارٽي جي هڪ عورت ايم پي ايس سان جنهن انداز ۾ واقعو پيش آيو، ان تي سندس خاموشي به سواليا نشان آهي، کيس پاليسي بيان اچي وڃڻ گهربو هو پر افسوس ائين نه ٿيو….

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *