Friday , March 29 2024

ڪجهه ماڻهو نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو بهانو ڪري سياسي شهيد ٿيڻ چاهين ٿا: نيب چيئرمين جاويد اقبال

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته، ڪجهه ماڻهن کي نيب پاران گهرائڻ باوجود پيش نه ٿيڻ جو مقصد اهو آهي ته اليڪشن کان اڳ ۾ گرفتار ٿي سياسي شهيد ٿيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڪرپشن خلاف ڪاررواين کي انتقامي ڪارروائي چوڻ ڀوڳ جهڙي ڳالهه آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال لاهور ۾ نيب ڪمپليڪس جي دوري جي موقعي تي آفيسرن سان خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن سماجي ناسور آهي، جيڪو م لڪ کي ڪمزور ڪري ادارن کي کوکلو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪرپشن خلاف بنا فرق جي جهادي جاري رهندو. نيب هيڊ ڪوارٽر کي بارود سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي پر زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته نيب سياستدانن کي گرفتار ڪري جيئن هو سياسي شهيد بڻجي وڃن. هن چيو ته نيب ڪنهن جي خواهش جي موجب گرفتاريون ناهي ڪندي، سمورن ڪيسن ۾ گرفتاريون ميرٽ تي ٿينديون. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن وطيرو بڻائي رکيو آهي ته نوٽيس جي باوجود نيب ناهي ايندي ميگا ڪرپشن وارن ڪيسن کي فائلن مان ڪڍيو ۽ انهن کي صاف ڪيو ۽ ميگا ڪرپشڻ ڪيسن ۾ حوصلا افزائي  واري اڳڀرائي ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *