Friday , April 19 2024

ڪتي جي چڪ واري ويڪسين نه ڪرايو: ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو چيو آهي ته، ڪتي جي چڪ واريون ويڪسين وڏي تعداد ۾ صحت کاتي وٽ آهن، پر هر ڪتي جي چڪڻ تي ويڪسين نه لڳائڻ گهرجي، جن هن سان بچت ٿيندي. ايم بي بي ايس ڊاڪٽرياڻي ۽ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي صحت کاتي جي وزير چيو ته، هر ڪتو ڇتو ناهي هوندو، اڪثر ڪتا پنهنجي دفاع ۾ ڏاڙهيندا آهن. ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو صلاح ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪتو چڪ هڻي وڃي ته ويڪسين ڪرائڻ بدران ان ڪتي جي مرڻ جو انتظار ڪيو وڃي. صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نئين منطق پيش ڪندي چيو ته ڪتو ڏاڙهي ته ان کي پڪڙي وٺو، ڇو ته هر ڪتو ڇِتو ناهي هوندو، اڪثر ڪتا پنهنجي بچاءَ ۾ ڏاڙهيندا آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته هر ڪتي جي کاڌل کي ويڪسين نه لڳرائڻ گهرجي، ڪتن جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين اسان وٽ وڏي انگ ۾ موجود آهي پر مهانگي هئڻ جي ڪري ان کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي. صحت واري صوبائي وزير ڪانگو وائرس جي وڌندڙ ڪيسن  جي خاتمي لاءِ اسپري ۽ خاتمي جي هدايت به ڏني.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *