Friday , March 29 2024

ڪاليجي استادن جي پروموشنز ۾ بيقائدگين جو انڪشاف

 سنڌ جي ڪاليجن جي استادن جي پروموشن ۾ بيقاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪيترين ئي سينيئرز کي نظر انداز ڪري جونيئرن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ڪاليجن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پڙهائيندڙ 34 مرد استادن ۽ 21 عورت استادن کي 19هين گريڊ مان ترقي ڏئي 20هين گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو هو.  ترقي ماڻيندڙن ۾ ڪيترائي جونيئرز شامل آهن ۽ سينيئر نظر انداز ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

مليل ڄاڻ موجب ترقيون ڏيندڙ ڪاميٽي پاران سينيارٽي لسٽ ۾ 36 نمبر تي شامل رقيا، 54 نمبر تي زينت محمود، 59 نمبر تي دردانا بشير، 63 نمبر مختيار نصير، 68 نمبر تي فهميده فاطما، 71 نمبر تي شبانا طاهر، 75 عقيلا بيگم، 78 زليخان، 84 محمودا الطاف ۽ 87 نمبر تي سنجيدا شاهد کي گهربل مارڪون نه ملڻ سبب ترقي نه ڏني ۽ سندن ڪيس ڊفر ڪيا ويا. ذريعن موجب ساڳي لسٽ ۾ 88 نمبر تي موجود شاهدا پروين سومرو، 89 نمبر تي انجم آرا، 91 ريحانا اسد، 96 نمبر تي عذره سلطانا، 97 نمبر عذرا ڪيريو، 98 نمبر تي ڪوثر پروين ۽ 101 نمبر تي سلميٰ لوهار جا ڪيس ڪاميٽي آڏو پيش ئي نه ڪيا ويا. جنهن سبب 102 نمبر تي سينارٽي لسٽ ۾ موجود پروين لوني ترقي ماڻي ورتي ۽ ڄاڻايل فيميل ايسوسيئيٽ پروفيسر ترقي کان محروم رهيون.

ساڳي ريت ڪاميٽي آڏو مرد ايسوسيئيٽ پروفيسر ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد جي ڪيميسٽري جي ايسوسيئيٽ پروفيسر بشير احمد نظاماڻي جو ڪيس ترقي لاءِ گهربل مارڪون پوريون نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي ڊفر ڪيو ويو. جڏهن ته سندس اي سي آر ۾ موجود سندس مارڪن ۽ ڪيس ۾ ڄاڻايل مارڪن ۾ فرق سبب ڄاڻايل ايسوسيئيٽ پروفيسر ترقي نه ماڻي سگهيا، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اي سي آر ۾ بشير احمد نظاماڻي جون مارڪون 51.52 آهن، جڏهن ته ڪاميٽي آڏو پيش ڪيل ڪيس ۾ سندس مارڪون 48.92 ڄاڻايون ويون، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر ڪاليجز مرزا امام علي بيگ ٻڌايو ته لائيٽ جي مسئلن ۽ اسان جي غلطي جي ڪري بشير احمد نظاماڻي جي مارڪن ۾ مسئلو ٿيو آهي، جنهن کي درست ڪري اسان ٻيهر ڪاميٽي کي موڪلي چڪا آهيون. هن ٻڌايو ته پروموشن جي حوالي سان لسٽون سپلا جي اڳواڻ فيروز صديقي ٺهرايون هيون، ان ڪري اسان به سمورا نالا موڪلي ڇڏيا، اڳتي اهي ڪيس شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت مون کي ڪابه خبر ناهي.

ٻي طرف ترقين ۾ بيقاعدگين کانپوءِ سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ جونيئر کي سينيئرز جو بگ باس بڻائي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري پاران 3 مئي تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ترقيون ماڻيندڙ پروفيسرز واري لسٽ ۾ نائين نمبر تي شامل معشوق بلوچ کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ڪري ساڻس سينيئر 8 پروفيسرز کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ جونيئرز کي سينيئرز جو بگ باس بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن رابطور ڪرڻ تي معشوق بلوچ ٻڌايو ته منهنجو 33 سالن جو تجربو آهي، 5 سال ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ ڊي او به رهيو آهيان، ميرٽ ۽ اهليت کي ڏسي مون کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان ڪري منهنجي مقرري کي خوامخواهه اشو نه بڻايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *