Saturday , April 20 2024

ڪالاباغ ڊيم چئني صوبن جي اتفاق کانسواءِ نه ٺهندو، چيني پرڏيهي وزير استقبال سٺو نه ٿيو: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته، جيستائين چار.ي صوبا ۽ پارليامينٽ راضي نه ٿيندي ايستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، حڪومت چين جي پرڏيهي وزير جي آمد تي سندس شاندار آجيان نه ڪئي، حڪومت گئس جا وڌايل اگهه فوري طور تي واپس وٺي. قومي اسميبلي جي اجلاس دوران شهباز شريف چيو ته حڪومت کان به اميد ڪريون ٿا ته ان ڪميشن جي رپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ايوان ۽ قوم جي سامهون پيش ڪندي. شهباز شريف چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ڪميشن جي قيام واري حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم چئني صوبن ۽ پارليامينٽ جي اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٺهندو. شهباز شريف چيو ته ڪنهن به ملڪ جي طاقت ان جي معاشي حالت سان سلهاڙيل هوندي آهي، اعتماد سان چوان ٿو ته 2013 ۾ نون ليگ جي حڪومت نواز شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جهڙن چئلنجز کي منهن ڏنو ۽ خوشحالي وارن منصوبن کي مڪمل ڪيو. ملڪي تاريخ ۾ زراعت جو سڀ کان وڏو پئڪيج نون ليگ ڏنو، يوريا  تي اربين رپين جي سبسڊي سميت بجلي تي هلندڙ ٽيوب ويل شامل آهن. اپوزيشن ليڊر چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هارين کي بنا وياج جي اربين  رپين جا قرض ڏنا ويا. پي ٽي آءِ کي جن ماڻهن ووٽ ڏنا اڄ اهي به پريشان آهن ۽ هر هنڌ واويلا ڪري رهيا آهن. نعرا لڳائيندڙ ذاتي دوست، خدمت گار ۽ امپورٽيڊ صلاحڪار هر هنڌ نظر اچن ٿا، پي ٽي آءِ جا اهي ماڻهو جن پارٽي جو بنياد رکيو اڄ انهن سان ڪير هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه آهي. اپوزيشن ليڊ ر چيو ته پروٽوڪول نه وٺڻ ۽ سادگي اپنائڻ واريون سموريون دعوائون مٽي ۾ ملي ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *