Thursday , April 25 2024

ڪالاباغ ڊئم جي معاملي تي بحث ۾ پوڻ نه ٿا چاهيون: چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته اسان ڪالاباغ ڊئم معاملي تي بحث ۾ نٿا پوڻ گهرون، جائزو وٺي رهيا آهيون ته چئن ڀائرن ۾ اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ بحران کي حل ڪرڻ لاءِ متبادل وسيلا ڪهڙا هجڻ گهرجن، جسٽس فيصل عرب چيو ته غير تڪراري ڊئمز تي ڪم ڇو نه شروع ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پاڻي بحران بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته، قوم اختيار ڏئي ته ڊئمز جي معاملي تي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، عيد کانپوءِ ڊئمز جي تعمير جي حوالي سان سيمينار ڪرايو ويندو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 3 ميمبرن تي ٻڌل بئنچ  ڪالاباغ ڊيم سميت مختلف ڊيمز جي اڏاوتن بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 10 سالن بعد  ڪوئيٽا ۾ پيئڻ جو پاڻي نه هوندو، ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻو پوندي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڊيمن جي تعمير واري معاملي تي سپريم ڪورٽ اڳتي ويندي، عيد بعد سپريم لاءِ اينڊ جسٽس ڪميشن پاران سيمينار ڪرايو ويندو. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته قوم اختيار ڏئي سپريم ڪورٽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ مان پاڻي بحران حل ڪرڻ چاهيون ٿا. واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود عدالت کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت عوام کي مڪمل آگاهي ناهي، هن چيو ته ڪالاباغ  ڊيم تي تڪرار سبب هن واپدا جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. هن چيو ته موسمي تبديلي سبب ايندڙ وقت ۾ ملڪ وڌيڪ پاڻي بحران کي منهن ڏئي سگهي ٿو، پاڻي زمين ۾ هيٺئين سطح تائين وڃي چڪو آهي. ظفر محمود چيو ته ڪوئيٽا ۾ پاڻي ايترو هيٺ وڃي چڪو آهي جو هاڻي ان جي بحالي لاءِ 200 سال لڳي ويندا.

هن چيو ته انڊس واٽر معاهدي لاءِ خطرا پيدا  ٿي چڪا آهن ،ڀارت پهريان ئي پاڪستان جي  ٽن دريائن جي پاڻي تي قبضو ڪري چڪو آهي. راوي ۽ ستلج جي پاڻي تي ڀارت جو قبضو آهي، جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته ڀارت سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ڇڏي ڏيندو آهي، هن چيو ته ڀارت جي ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي وڌيڪ گنجائش آهي. ظفر محمود چيو ته ڊيمن جي معاملي تي اسان ڪوتاهيون ڪيون آهن، سڀئي حڪومتون ان غفلت جون ذميوار آهن. عدالت رمارڪس ۾ ڄاڻايو ته پاڻي زندگي لاءِ تمام اهم آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪورٽ ان سلسلي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

ظفر محمود چيو ته 70 سالن بعد گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ پاڻي پاليسي ٺاهي وئي آهي، جنهن بابت معلوم ٿيو آهي ته ڌرين جو اتفاق ناهي. جسٽس فيصل عرب رمارڪس ۾ چيو ته 80 واري ڏهاڪي کان ڪالاباغ ڊيم تي تڪرار بابت ٻڌندا پيا اچون، جن ڊيمن تي تڪرار ناهي اهي ڇو نٿا ٺهرايا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *