Wednesday , April 24 2024

ڪارنهن الزام، صالح پٽ ۾ مڙس زال کي جيئرو ڀِٽ تي واري ۾ پوري ڇڏيو، نوجوان قتل

پنوعاقل (رپورٽر    سنڌسماءَچار) وحشي جوابدار مڙس ڪارنهن جو الزام مڙهي نوجوان زال کي جيئرو ڀِٽَ تي گرم واريءَ ۾ پوري ڇڏيو، جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ حملو ڪري هڪ ڀاڻيجي کي قتل ۽ ٻئي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، ايس ايس سکر چيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ناري جي جسم تي بي رحماڻي تشدد جا چٽا نشان موجود آهن. پنوعاقل ويجهو صالح پٽ جي ڳوٺ محمد نواز شنباڻي ۾ جوابدار ڪريم بخش شنباڻي نوجوان زال بيبُل خاتون مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهي کيس ڀِٽَ تي واريءَ ۾ جيئري پوري ڇڏيو، جنهن بعد هن ڀاڻيجي کي زال سان ڪارو قرار ڏئي مٿس حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل سندس ڀاڻيجي دلمراد جو ڀاءُ شرف الدين شنباڻي مارجي ويو، دلمراد ۽ سندس ٻيو ڀاءُ فدا حسين شنباڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿهي پيا هئا. ايس ايس پي سکر عرفان سمون جون  چوڻ آهي ته، نوجوان جي قتل ۽ سندس ٻن ڀائرن جي زخمي ٿيڻ تي اصل ڳالهه ڦاٽ کاڌو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري  بيبل خاتون جو لاش به هٿ ڪري روهڙي اسپتال منتقل ڪيو آهي، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ۽ لاش جا جزا وٺي ليباريٽري اماڻيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *