Friday , March 29 2024

”ڪابينا کي رٻڙ جي ٺپي طور استعمال نه ٿو ڪري سگهجي: جسٽس مقبول باقر

جيڪڏهن اسان وزيراعظم جي عهدي کي ڪابينا جي برابر / مترادف سمجهون ٿا ته ان کانپوءِ وزيراعظم پنهنجو پاڻ هڪ فرد جي حيثيت سان وفاقي حڪومت بڻجي وڃي ٿو، جيڪو عمل ناقابل سمجهه آهي:جسٽس مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته، ”، سپريم ڪورٽ جي جج، وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي نظر انداز ڪندي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪونسل کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، فيصلا ڪرڻ ۾ ڪابينا کي رٻڙ جي ٺپي جيان استعمال نه ٿو ڪري سگهجي“. هلندڙ نومبر مهيني جي 4 تاريخ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي تفصيلي فيصلي جي صفحي نمبر 68 تي، بئنچ ۾ شامل سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس مقبول باقر پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته، “ ڪابينا ايگزيڪيوٽو جو اعليٰ ۽ انتهائي ذميوار ادارو آهي، جنهن جي آئين ۾ به اهم حيثيت آهي، وزيراعظم پاران ان کي فيصلا ڪرڻ لاءِ رٻڙ اسٽيمپ طور استعمال نه ٿو ڪري سگهجي، جسٽس مقبول باقر نوٽ ۾چيو آهي ته، ريفرنس سپريم جڊيشل ڪونسل کي موڪلڻ واري عمل جي جائزي وٺڻ بعد کيس (جسٽس باقر)معلوم ٿيو آهي ته، ريفرنس موڪلڻ واري فيصلا سازي جي عمل ۾ ڪابينا شامل نه ڪرڻ ۽ ان کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ڇڏڻ آئين جي اصل روح جي خلاف ورزي آهي“. جسٽس مقبول باقر، تفصيلي فيصلي ۾ پنهنجي لکيل ن وٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ” ريفرنس موڪلڻ واري اهڙي فيصلي سان ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪابينا جَي طرز کي تبديل ڪري وزيراعظم جي طريقيڪار حڪومت بڻائڻ به آئين سان ٽڪراءُ تصور ڪيو وڃي ٿو.” ، جسٽس مقبول باقر پنهگنجي اختلافي نوٽ ۾ وضاحت ڪندي چيو آهي ته، ”جيڪڏهن اسان وزيراعظم جي عهدي کي ڪابينا جي برابر / مترادف سمجهون ٿا ته ان کانپوءِ وزيراعظم پنهنجو پاڻ هڪ فرد جي حيثيت سان وفاقي حڪومت بڻجي وڃي ٿو، جيڪو عمل ناقابل سمجهه آهي.”

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *