Saturday , April 20 2024

ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي شڪي اغوا ۽ تذليل، جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪيپٽن صفدر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۽ سندس گرفتاري واري معاملي جي جاچ لاءِ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ناصر شاهه سوڌو 5 ميمبر به شامل هوندا. 18 آڪٽوبر تي مزار قائد تي حاضري ڀرڻ دوران نعريبازي واري الزام هيٺ نون ليگ اڳواڻ ڪيپٽن صفدر خلاف مزار جي بيحرمتي ڪيس ۽ 19آڪٽوبر تي صبح جو سوير سندس گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي شڪي اغوا ۽ تذليل واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جو ن وٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ڪميٽي 30 ڏينهن اندر رپورٽ تيار ڪري وڏي وزير جي حوال ڪندي. سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري لاءِ آءِ جِي سنڌ جي مبينا تذليل واري واقعي جي جاچ لاءِ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ پنج ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي  وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي 18 ۽ 19 آڪٽوبر دوران ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس تي مبينا طور دٻاءُ وجهڻ واري معاملي جي جاچ ڪندي. صفدر جي گرفتاري لاءِ نجي هوٽل ۾ ڪارروائي ۽ پوليس جي سربراهه جي مبينا تذليل واري معاملي جي جاچ به ڪئي ويندي. وزارتي ڪميٽي واقعي سان واڳيل ڪنهن به ماڻهو کي گهرائي پُڇاڳاڇا ڪري سگهي ٿي، نوٽيفڪيشن موجب جاچ رپورٽ 30 ڏينهن اندر تيار ڪئي ويندي. ڪميٽي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، اويس قادر شاهه، سردار شاهه ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب ميمبر طور شامل هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *