Friday , April 19 2024

ڪئپٽن(ر)صفدر جي گرفتاري جي تصديق وارو سنڌ پوليس جو ٽويٽ ڪجهه منٽن اندر ڊليٽ

”سنڌپوليس جي ترجمان ڪئپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي ٽويٽ ڪجهه صحافين جي چوڻ تي جاري ڪيو“: آءِ جي آفيس جا ذريعا

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) نون ليگ جي اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري جي تصديق ۽ ڪيس جي جاچ بابت سنڌ پوليس جي ترجمان پاران ڪيل ٽثويٽ ڪجهه منٽن کانپوءِ ڊليٽ ڪري ڇڏيو، سنڌ پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ترجمان ڪجهه صحافين جي صلاح تي ٽويٽ جاري ڪيو، آءِ جي سنڌ پاران ڪاوڙ جي اظهار بعد ڊليٽ ڪري مشتاق مهر لاءِ وڌيڪ ڏڇو پيدا ڪيو ويو آهي. سنڌ پوليس جي ترجمان اڄ منجهند جو 2 وڳي ڌاري پنهنجي آفيشل ٽويٽ اڪائونٽ تي ٽويٽ ڪيو، جنهن ۾ ڪئپٽن صفدر جي گيرفتزري جي تصديق ٿيل هئي. سنڌ پوليس جي ترجمان پنهنجي ٽويٽ ۾“ چيو هو ته، ”ڪئپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري قانون مطابق ڪئي وئي آهي،ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف داخل ڪيل ڪيس جنهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ان جي شفاف جاچ ڪئي ويندي“. اهڙو ٽويٽ س پوليس جي ترجمان پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان جاري ڪيو ويو، جيڪو لڳ ڀڳ 30 منٽن جي اندر ئي ڊليٽ ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ آءِ جي آفيس ۾ مقرر هڪ سينئر پوليس آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سنڌ پوليس جي ترجمان پاران آفيشل ٽويٽ تي ڪئپٽن رٽارڊ صفدر جي گرفتاري واري معاملي بابت ڪيل ٽويٽ، ڪجهه صحافين جي چوڻ تي جاري ڪيو، جنهن بابت آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي اعتماد نه ورتو ويو، آءِ جي آفيس جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، مختلف واقعن بابت جيڪي به آءِ جي سنڌ جي حوالي سان بيان هلندا آهن ته، آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي-وغيره جهڙا آءِ جي سنڌ سان منصوب ڪري ترجمانا پاران هلرايا ويندا آهن، حقيقت اها آهي ته اڪثر اهڙن بيانن بابت آءِ جي سنڌ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويندو ۽ نه ئي آءِ جي کي خبر هوندي آهي.

”ڪئپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ۽ سي سي ٽي وي رڪارڊنگ!

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *