Friday , March 29 2024

ڦريل دولت واپس آڻڻ لاءِ پلي بارگين ڪرڻ کانسواءِ ڪو دڳ ڪونهي: نئب چيئرمين

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نئب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته، نئب جي پلي بارگين واري قانون تي هر ماڻهو تنقيد جو نشان و بڻائيندو رهيو آهي، پرملڪ ۽ قوم جي ڦر ڪيل دولت ۽ اها پرڏيهه منتقل ٿي وڃڻ جي اوڳاڙي ڪري واپس آڻڻ لاءِ ان کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ به ڪونهي. نئب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ڪرپٽ ماڻهن ۽ سندس سهولتڪارملڪي ترقي جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيا آهن، ڪرپشن جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. جاويد اقبال چيو ته نئب جي موجوده قيادت ميگا ڪرپشن ڪيسن کي المارين مان ڪڍيو، انهن ڪيسن کي ميرٽ ۽ قانون جي موجب منطقي انجام تائين پهچائينداسين. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب جي خلاف منظم ۽ جارحاڻي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي، نئب تي تنقيد ڪندڙن کي آئين ۽ قانون ۽ نيب لا جو علم ئي ناهي، سپريم ڪورٽ ان قانون جي سمورن جزن جو جائزو  وٺي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ نيب قانون کي نه غير آئيني چيو ۽ نه ئي ڊريڪونين لا چيو. جسٽس (ر) جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته پلي بارگين تي ڏاڍا ماڻهو تنقيد ڪندا آهن جيڪڏهن پلي بار گين نه ٿئي ته جيڪا رقم اڄ تائين ريڪور ڪئي وئي آهي اُها پاڪستان جو ڪو به ادارو  واپس نه پئي آڻي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *