Thursday , April 25 2024

ڏکڻ پنجاب جي ڪارخانن جي زهريلي پاڻي سبب گهوٽڪي ضلعي جا سوين ڳوٺ تباھ، جر به کارو ٿي ويو

گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڏکڻ پنجاب جي مختلف صنعتي علائقن جي ڪارخانن جو زهريلو پاڻي سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو سلسلو بند ناهي ٿيو، سوين ڳوٺن ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ جي نتيجي ۾ رهواسي صدين کان آباد پنهنجا اجها ڇڏي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. پنجاب جي زهريلي پاڻي تباهي آڻي ڇڏي آهي، گهوٽڪي کانپوءِ صالح پٽ واري علائقي جي جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 40 ڳوٺ متاثر لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي.

سکر ضلعي سان تعلق رکندڙ قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ گئس جي وڏي پيداوار ڏيندڙ صالح پٽ تعلقي جي ريگستاني علائقن ۾ پنجاب جي فيڪٽرين مان آيل زهريلي پاڻي علائقي جي سونهن وڃائي تباهي مچائي ڇڏي آهي.

پنجاب جي فيڪٽرين مان ايندڙ زهريلي پاڻي ديهه ڊڀن واري، ديهه سرن واري، ديهه کپرو، ديهه ويهن واري، ديهه پجاري واري ۽ ٻيون ديهون ويران ڪري ڇڏيون آهن، تلائن جي صورت ۾ جمع ٿيل زهريلي پاڻي جي ڪري 40 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمينون متاثر ٿي ويون آهن.

Saleh Patt

ان ۾ مقامي ماڻهن کان ورتل معلومات موجب صالح پٽ تعلقي سان تعلق رکندڙ ٿر جي رهواسي ڳوٺاڻن ساماڻو مڱريو، صوڀو مڱريو، ميل مڱريو ۽ ٻين ٻڌايو ته زهريلي پاڻي ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ جمال دين مڱريو، ڳوٺ سکي مڱريو، عطر مڱريو، ممتاز مڱريو، ڳوٺ سوڍو مڱريو، ڳوٺ سومر مڱريو، ڳوٺ حسين چنو، ڳوٺ رحيم مڱريو، ڳوٺ رسول بخش راڄڙ، ڳوٺ ساماڻو مـڱريو، ڳوٺ متو مڱريو، ڳوٺ جمالدين مڱريو ۽ ڳوٺ گل مڱريو سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿي ويا آهن. جر کارو ٿيڻ ۽ زرعي زمينون تباھ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻا پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن. زهريلي پاڻي ڪري علائقي ۾ پاڻي جا ٺهيل کوهه به زهريلا ٿي ويا آهن، مٺي پاڻي جي پيئڻ جي سهولت نه هجڻ ڪري گهوٽڪي ضلعي جي علائقن مان اٺن، موٽرسائيڪلن ۽ ٻين گاڏين ذريعي پئسا خرچ ڪري پاڻي ڀري ايندا آهيون، ماڻهن، ننڍن ٻارڙن، مردن توڙي عورتن ۾ مختلف قسمن جون بيماريون ڪارو ڪامڻ، الرجي، مليريا ۽ ٻيون وبائي بيماريون ڦهلجي ويون آهن. ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي علائقن ۾ آيل پنجاب جي فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي کي سنڌ ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ترت سرڪاري سطح تي اپاءَ وٺي هن علائقن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ ٿر ۾ مٺي پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن هت اڳ جيان زندگي جو جياپو بحال ٿي سگهي، يوسي وس جي ضلعي ڪائونسل ميمبر فوٽو خان مڱريو ٻڌايو ته پنجاب جي زهريلي پاڻي گهوٽڪي کانپوءِ سکر ضلعي جي يو سي وس ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، آئون ضلعي ڪائونسل ميمبر جي حيثيت سان ضلعي ڪائونسل سکر جي اجلاس ۾ پهريون ڪيس پنجاب جي آيل زهريلي پاڻي بابت ميمبرن اڳيان رکيو پر ضلعي حڪومت زهريلي پاڻي جي روڪٿام لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *